Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
جو مون سان واعدو آهي ته اَنْ لَّا يُحِبَّنِي اِلّا مُؤْمِن وَ اَنْ لَّا يُبْغِضَنِي اِلّا مُنَافِق يعني مون سان محبت نه رکندو پر مؤمن ۽ مون سان بُغض (يعني دِل ۾ دُشمني) نه رکندو پر مُنَافق۔([1])
اي عاشقانِ صحابه و اهلِ بيت! هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت ايمان جي نشاني آهي ۽ حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو بُغض مَعاذَ الله! منافقت جي نشاني آهي۔ علَّامه اِبنِ حجر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان وٽ هي طريقو هو ته ڪنهن جي ايمان يا منافقت کي جانچڻو هوندو هو ته بُغضِ علي کان جانچندا هئا، جنهن کي ڏسندا هئا ته حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان بُغض رکي ٿو، سمجھي ويندا هئا ته هي منافق آهي.([2])
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سچّي پڪي محبت نصيب فرمائي، اسان جي سينن کي محبّتِ علي جو خزينو بڻاءِ. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صِرف سچّي محبت ئي اَصل محبت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالھ ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي، اها هي ته حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي هر قسم جي محبت نجات ڏيارڻ واري نه آهي، محبّتِ علي جا ڪجھ انداز اهڙا به آهن جيڪي نجات جي بدران هلاڪ ڪرڻ وارا آهن، جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي ۽ هن حديثِ پاڪ جا راوِي به پاڻ موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ئي آهن، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي گھرائي فرمايو: اي علي! توهان ۾ (الله پاڪ جي نبي حضرت) عيسيٰ (عَلَيه السَّلَام) جو مثال آهي (اهو ايئن جو) حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام سان يهودين بغض رکيو، ايستائين جو سندن اَمڙ سائڻ(حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا) تي تهمت لڳائي ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام سان نصاريٰ محبت ڪئي ته انهن کي ان درجي ۾ پهچايو جيڪو اُن جو نه هو۔
هي حديثِ پاڪ بيان ڪرڻ کان بعد شيرِ خُدا حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: انسانو! ٻُڌي وٺو...! منهنجي باري ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هلاڪ ٿيندا ①: منهنجي محبت ۾ اِفراط ڪرڻ (يعني حد کان وڌڻ) وارا، مون کي اُنهن وصفن ۾ وڌائيندا جيڪي مون ۾ نه آهن ۽ ②: مون سان بغض رکڻ وارا انهن جو بغض انهن کي اڀاريندو ته مون تي بهتان لڳائن۔ ([3])
مشهور مُفَسِّرِ قُرآن، حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: محبّتِ علي ايمان جي اصل آهي۔ ها! محبّت ۾ ناجائِز اِفراط (يعني حد کان وڌڻ) بُرو آهي پر عداوتِ علي اَصل ئي کان حرام بلڪ ڪڏهن ڪفر آهي۔ ([4])
علیُّ المرتَضیٰ شیرِ خدا ہیں کہ اِن سے خوش حبیبِ کِبریا ہیں