Book Name:Zikr Ullah Ki Adat Kesay Banayen
۾ ذڪر غفلت کي پري ڪرڻ جو نالو آهي يعني دل تان غفلت جو پردو هٽجڻ واري ڪيفيت آهي، هن ڪيفيت کي ذِڪر چئبو آهي۔ امام واسطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سوال ٿيو: ذِڪر ڇا کي چئبو آهي؟ فرمايائون: اَلْخُرُوجُ مِنْ مَّيدَانِ الْغَفْلَۃِ يعني غفلت جي ميدان کان نڪري وڃڻ جو نالو ذِڪر آهي۔([1]) مثال طور تي هڪ شخص ڪنهن گناھ جي ڪم ۾ مصروف آهي (مثال طور فلمون ڊراما ڏسي رهيو آهي)، اوچتو ان جي دل ۾ خيال اچي ٿو ته عنقريب مون کي مرڻو به آهي، پنهنجي مالِڪ ڪريم، رَبُّ العٰلمين جي بارگاھ ۾ حاضِر به ٿيڻو آهي، هن خيال سان اهو گُنَاھ ڇڏي ڏي ٿو۔ هي آهي غفلت جي ميدان مان نڪرڻ، انهيء حالت ۽ ڪيفيت کي ذِڪر چيو ويندو آهي۔
ٻليءَ سچ چيو
شيخ ابو الحسن نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ۽ ڪامل ولي هئا، پري پري تائين سندن وِلايت جي شُهرت هئي، ماڻهو برڪت جي لاءِ سندن خدمت ۾ حاضِر ٿي فيض ماڻيندا هئا۔ هڪ ڀيري 2 درْوَيش پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملاقات جي لاءِ آيا، انهن مان هڪ درويش جانورن جي زبان سمجھندو هو، جڏهن هي ٻئي شيخ ابو الحسن نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهر ۾ پهتا ته ڏٺائون: 2 ٻليون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون آهن۔ دروَيش ٻلين جي ڳالھ ٻُڌي ۽ غمگين ٿي اِنَّا لِلهِ وَ اِنَّا اِلَيهِ رَاجِعُوْن پڙھيائين۔ ٻئي درويش معاملو پڇيو ته چيائون: هڪ ٻلّي ٻئي کي چئي رهي هئي: شيخ ابو الحسن نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فوت ٿي ويا آهن۔ ٻنهي کي ڏُک ٿيو، خير! ايترو پري کان آيا هئا، سوچيائون هاڻي جنازي ۾ شرڪت ئي ڪري وٺنداسين، ان ڪري اهي ٻئي شيخ ابو الحسن نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گھر پهتا۔ اتي ڏسن ٿا ته شيخ ابو الحسن نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ انهن جي استقبال جي لاءِ اچي رهيا آهن، ٻئي ڏاڍو حيران ٿيا ته هي ڇا ماجرو آهي؟ ٻلين سندن وفات جي خبر ڏني هئي، هي ته زِندھ سلامت آهن۔ شيخ ابو الحسن نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي حيراني ڏسي پڇيو: ڇا ڳالھ آهي؟ اوهان حيران ڇو ٿي رهيا