Book Name:Zikr Ullah Ki Adat Kesay Banayen
۾ ياد ڪندس * توهان مون کي راحت ۽ آرام ۾ ياد ڪيو! مان توهان کي مصيبت ۽ بلا ۾ ياد ڪندس * توهان مون کي مجاهدي (يعني نيڪين ۾ ڪوشش) سان ياد ڪيو! مان توهان کي هدايت سان ياد ڪندس * اي انسانو! توهان چئو: يا رَبِّي (اي منهنجا رَبّ)، مان چوندس: عَبدِي (اي منهنجا ٻانها) * توهان چئو: مان گنهگار آهيان، مان چوندس: مان غَفَّار (يعني گھڻو بخشڻ وارو) آهيان۔([1]) حديثِ قدسي ۾ آهي، الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو: ٻانهو منهنجو ذِڪر ڪري ٿو، مان ان سان گڏ هوندو آهيان، جيڪڏهن هو دِل ۾ مون کي ياد ڪري، مان ان کي اڪيلو ئي ياد ڪندو آهيان، جيڪڏهن هو مجمعي ۾ مون کي ياد ڪري مان ان کان بهتر مجمعي ۾ (يعني ملائڪن جي سامهون) ياد ڪندو آهيان۔([2])
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ذِڪرُ الله ڪيتري عظيم عِبَادت آهي جو جيڪو الله پاڪ جو ذِڪر ڪري ٿو، الله پاڪ پنهنجي شان جي لائق ان جو ذِڪر فرمائي ٿو۔ الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان ذِڪرُ الله جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ۔
امام قُشَيرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: منهنجي اُستاد صاحب فرمايو: لَا يَصِلُ اَحَدٌ اِلَي اللهِ اِلَّا بِدَوَامِ الذِّڪْرِ يعني ٻانهو الله پاڪ تائين صِرف ۽ صِرف ذِڪرُ الله تي هميشگي اختيار ڪرڻ سان ئي پهچي سگھي ٿو۔([3])
مانند شمع تیری طرف لو لگی رہے
دے لطف میری جان کو سوز وگداز کا([4])