Zikr Ullah Ki Adat Kesay Banayen

Book Name:Zikr Ullah Ki Adat Kesay Banayen

ذِڪرُ الله جون مختلف صُورتون

اي عاشقانِ رسول! ذِڪرُ الله جون کوڙ صُورتون آهن * مثال طور قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ به ذڪر آهي * الله پاڪ جا پيارا پيارا پاڪيزه نالا زبان سان ادا ڪرڻ * الله الله چوڻ * يا رَحمٰنُ، يارَحمٰنُ جي تسبيح ڪرڻ * يا غفّارُ، يا غفّارُ، يا سميعُ، يا سميعُ چوندو رهڻ، هي سڀ الله پاڪ جو ذڪر آهي * ايئن ئي الله پاڪ جي نعمتن ۾ غور و فڪر ڪرڻ به ذڪر آهي * الله پاڪ دُنيا بڻائي * ان دُنيا جي عجائبن کي ڏسڻ * ان جي ذريعي الله پاڪ جي شان ۽ عظمت ۽ قُدرت بابت غور ڪرڻ، هي اکين جو ذڪر آهي * ذِڪرُ الله ٻڌڻ ڪنن جو ذڪر آهي * دل سان الله پاڪ جي ياد ۾ مصروف رهڻ دِل جو ذڪر آهي * نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڙھڻ، ٻُڌڻ به ذڪر آهي * الله پاڪ جي محبوب ٻانهن جون ڳالهيون ڪرڻ * انهن جو ذِڪرِ خير ٻُڌڻ * انهن جي سيرت پڙھڻ هي به ذڪر آهي * بلڪ عالم سڳورا فرمائن ٿا: عبرت جي لاءِ الله پاڪ جي دشمنن جو اَحوال پڙھڻ ٻڌڻ به ذڪر ۾ شامل آهي۔ حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ذِڪرُ الله بالواسطه به ٿئي ٿو ۽ بِلاواسطه به، الله پاڪ جي ذات ۽ صِفتن جو تذڪرو يا انهن بابت سوچڻ بِلاواسطه ذِڪرُ الله آهي، ان جي مَحبُوبن جو مَحبَّت سان چرچو ڪرڻ، ان جي دُشمنن جو برائي سان ذِڪر ڪرڻ، سڀئي بِالواسطه الله جو ذِڪر آهي، ڏسو! سڄو قرآن ذِڪرُ الله آهي پر ان ۾ ڪٿي ته خدا جي ذات ۽ صفتون بيان ٿيون آهن، ڪٿي حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون وصفون، ساراهون آهن، ڪٿي ڪافرن جو تذڪرو آهي۔([1]) ۽ قرآنِ ڪريم جي تِلاوت بهترين ذِڪر آهي، معلوم ٿيو؛ هي سڀئي ڳالهيون ذِڪر ۾ شامِل آهن۔

ذِڪر ڇا کي چئبو آهي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هي سڀئي ذڪر جون مختلف صورتون آهن، پر حقيقت


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:304 ملتقطاً۔