Book Name:Zikr Ullah Ki Adat Kesay Banayen
غلام کي بادشاه بنائڻ وارو عَمَل
مشهور صُوفي بزرگ حضرت مولانا روم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
گَرْ تُوْ خَوَاہِی زِیْسْتَنْ بَاآبْرُوْ ذِکْرِ اُوْ کُنْ ذِکْرِ اُوُ کُنْ ذِکْرِ اُوُ
ہَرْ گَدَا رَا ذِکْرِ اُوْ سُلْطَاں کُنَدْ ذِکْرِ اُو بَس زَیْوَرِ اِیْمَاں بَوَد
ہَرْ کِہْ ِدیْوَانَہ بَوَدْ دَرْ ذِکْرِ حَقْ زِیْرِ پَائِشْ عَرْشْ وکُرْسِی نُہ طَبَق
مفهوم: باعزّت زِندگي گُذارڻ چاهيو ٿا ته ذِڪرُ الله ڪيو! ذِڪرُ الله ڪيو! ذِڪرُ الله ڪيو! الله جو ذِڪر فقير کي بادشاھ بڻائي ڇڏي ٿو، خلاصو هي آهي: ذِڪرُ الله ايمان جو زيور آهي، جيڪو الله جي ذِڪر ۾ ديوانو ٿي وڃي، عرش ۽ ڪرسي ۽ تمام طبقات ان جي پير (يعني قدرت) هيٺ اچي ويندا آهن۔
ذِڪرُ الله جي ڪثرت سُنّتِ مصطفيٰ آهي
اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه، طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عنۡهَا فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هر وقت ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهندا هئا۔([1])
مڪتبة المدينه جي ڪتاب سيرتِ مصطفيٰ ۾ آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادتِ مبارڪه هئي ته * اُٿندي ويهندي * هلندي ڦرندي * کائيندي پيئندي * سمهندي جاڳندي * وُضو ڪندي * نوان ڪپڙا پائيندي * سوار ٿيندي * سواري تان لهندي * سفر ۾ ويندي * سفر تان واپس ٿيندي * مسجد ۾ ايندي ويندي * طوفان، برسات، بجلي ڪڙڪڻ وقت غرض هر وقت ذِڪرُ الله جاري رکندا هئا ۽ مختلف دُعائون سندن زبان تي رهنديون هيون * خوشي ۽ غمي جي وقتن ۾ * صبح کان شام تائين ڪهڙو اهڙو موقعو هو جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪا دُعا نه پڙھندا هئا * ڏينهن جو ئي نه، بلڪه رات جي خاموشين ۾ به دُعا ۽ ذِڪرِ اِلٰهي ۾ مشغول رهندا هئا
* ايستائين جو وفات مهل به سندن مبارڪ زبان تي دُعا جارِي هئي۔([2])