Book Name:Walidain-e-Mustafa

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي ته اعتڪاف جي نيت ڪندا ڪيو ته جيئن اعتڪاف جو ثواب ملندو رهي ۽ ضرورت پوڻ تي کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره به جائز ٿي وڃي. هتي هيءَ ڳالھ ذهن ۾ رکو ته اعتڪاف جي نيت کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)  ٿئي سگهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري 12 ڀيرا درودِ پاڪ پڙهي وٺو يا ٻيو ڪو نيڪ ڪم ڪيو. انشاءَالله ثواب وڌندو رهندو ۽ مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ وغيره به جائز ٿي ويندو.

 درودِ پاڪ جي فضيلت

حضرتِ محمد بن عبدُالله خَيّام سَمرقَندي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ مان هڪ ڏينهن رستو وساري ويٺس، اوچتو هڪ شخص آيو ۽ اُن چيو: ”مون سان گڏ هلو۔“ مان ان جي پويان هلڻ لڳس۔ مون کي گُمان ٿيو ته هي حضرتِ سيدُنا خِضَر عَلَيۡهِ السَّلَام