Book Name:Walidain-e-Mustafa

جي بارگاھ ۾ باسيل باس تي نظر هئي ۽ ٽي ڀيرا ڪڻو ڪڍي دل کي مطمئن ڪيائون ۽ پوءِ سو (100) اُٺ ذبح ڪيائون ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اهو عمل ايترو پسند ڪيو ويو جو اُمّتِ محمديه ۾ انهيءِ کي انسان جي ديت (خون جو فديو) قرار ڏنو ويو۔ جيئن ته

حضرت اِبنِ عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: عرب ۾ دِيت ڏھ اُٺ هئي، سڀ کان پهريان حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه سو اُٺ ذَبَح ڪيا، ان کان بعد اهو طريقو رائج ٿي ويو، رَسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڻ ان کي برقرار رکيو۔ ([1])

وڃ! اسان توهان کي راھِ خدا ۾  وقف ڪيو...!!

ياد رکو! اسان مان ڪنهن جي لاءِ به جائز ناهي ته هو پنهنجي اولاد کي ذبح ڪري ۽ راھ خدا ۾ ان جي قرباني ڏي. فرض ڪيو جيڪڏهن ڪنهن ڪو خواب به ڏٺو ته امتي جي خواب جي شرعي ڪا حَيثِيت نه آهي جو ان تي عمل ڪرڻ واجب ٿئي۔

اي عاشقانِ رسول! اوهان حضرت عَبدُ المُطَّلِب ۽ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا جو جانثاري وارو جذبو ڏٺو۔ ڪاش! اسان جي دِل ۾ به الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحبَّت اهڙي رچي وڃي جو جان ۽ مال، آل ۽ اَولاد، وَقت، دولت سڀ ڪجھ راھِ خدا ۾ قربان ڪرڻ کان بلڪل نه لنوايون۔

اي عاشقانِ صحابه! پنهنجي اَولاد کي وقفِ مدينه ڪيو، جامعة المدينه ۾ داخِل ڪرايو، انهن کي نمازي، پرهيزگار، سنتن جو پابند، پڪو ديندار بڻايو، مبلغِ دعوتِ اسلامي، مَدَني قافلن جو مُسَافِر بڻايو ۽ دين جي خدمت جي سعادت حاصِل ڪيو...!!۔

 اي ڪاش! اسان کي به ۽ اسان جي اولاد کي به علمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو شوق نصيب ٿي وڃي، اسان جو وقت، اسان جو مال دِينِ اسلام جي سر بُلندي


 

 



[1]...طبقات ابن سعد، ذكر نذر عبد المطلب...الخ، ١/٧٢.