Book Name:Walidain-e-Mustafa

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”والدينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته والدِ مصطفيٰ جو نور سان جڳمڳائيندڙ چهرو، حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو لقب ”ذبيح“ ڇو مشهور ٿيو؟ انسان جي قدر ۽ قيمت ۾ اضافو، لات و عُزّيٰ جون دانهون، عالمِ ملڪوت ۾ خوشيون، شبِ جمعه جي هڪ فضيلت ۽ ان کان علاوه والدينِ مصطفيٰ بابت کوڙ اهم ۽ مفيد ڳالهيون ٻڌڻ جي سَعَادَت به حاصل ڪنداسين۔ اِن شَآءَ الله

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نور سان جڳمڳ ڪندڙ چهرو

  الله جي پياري آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڏي سائين حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه خواب ڏٺو: هڪ وڻ جنهن جي مٿي وارو حصو آسمان کي ڇُهي رهيو آهي ۽ ٽاريون اوڀر ۽ اولھ تائين پکڙيل آهن، ان مان هڪ نور ظاهر ٿيو آهي جنهن جي روشني سج جي روشني کان ستّر ڀيرا وڌيڪ آهي، عَرب ۽ عَجم ان جي سامهون سجدي ۾ آهن ۽ لمحه به لمحه ان جو نور وڌندو ئي پيو وڃي، قريش جو هڪ گروھ ان جي ٽارين سان لٽڪيل آهي ۽ ڪجھ  قريش ان کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر جيئن ئي هو ان وڻ جي ويجھو وڃن ٿا هڪ خوبصُورت نوجوان انهن کي پويان ڌڪو ڏئي ٿو، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڏاڏو حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائي ٿو: مون ان کان وڌيڪ حَسِين شخص ڪڏهن نه ڏٺو، نه ان جي خوشبو کان سٺي خوشبو ڪڏهن سُونگھي آهي، قريش جا اهي ماڻهو جيڪي وڻ ڪٽڻ چاهين ٿا، هي نوجوان انهن جون پاسراٽيون ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ ان جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏي ٿو۔ اک کلي ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڏاڏو محترم حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه گھڻو خوف زده هو، چهري جو رنگ به بدليل هو، انهيء ڊنل  ڪيفِيت ۾ قريش جي هڪ