Book Name:Walidain-e-Mustafa

Games) ۽ ڪارٽون وغيره ڏسڻ ۾ تمام گھڻو وقت ضايع ڪن ٿا، هن ايپلي ڪيشن جي برڪت سان ٻار علمِ دين سکندا، دُعائون ياد ڪندا، سُنّتون ۽ آداب سکندا۔  اِن شَآءَ اللّٰه

اوهان پنهنجون قيمتي تجويزون ۽ مشورا ايپلي ڪيشن جي فيڊ بيڪ تي ڏئي سگھو ٿا۔ اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪيو ۽ ٻين کي به انسٽال ڪرڻ جو مشورو ڏيو۔

صَلُّو ا عَلَي الحَبِيب!                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي خوشبو جون ڪجھ سنتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو:

خوشبو جون سُنّتون ۽ آداب

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! خُوشبو جي سُنتن ۽ آداب جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ پهريان هڪ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪيو: چار شيون نبين جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حياءُ ۽ خوشبو لڳائڻ۔([1]) ٭ رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تُحفو رد نه ڪندا هئا۔([2]) ٭ جمعي نماز جي لاءِ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي۔([3]) ٭نَماز ۾ ربّ ڪريم سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي([4]) ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا ها ۽ هن جي ٻين ماڻهن کي پڻ تلقين ڪندا هئا. ([5]) ٭ناخوشگوار بُو يعني بدبو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناپسند ڪندا


 

 



[1]... مشکاۃالمصابیح، کتاب الطہارۃ، باب السواک،۱/۸۸، حدیث:۳۸۲

[2]... سنتیں اور آداب ص۸۵

[3]... بہار شریعت ۱/۷۷۴،حصہ ۴ملخصاً

[4]... نیکی کی دعوت، ص۲۰۷

[5]... سنتیں اور آداب ص۸۳