Book Name:Walidain-e-Mustafa

والدينِ مصطفيٰ                        جنتي جنتي

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻڌو ته والدِ مصطفيٰ حضرتِ عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه قريش ۾ ۽ پنهنجي سڀني ڀيڻ ڀائرن ۾ نمايان هئا ۽ رسولِ مڪرم رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نور جن پُشتن مان آيو، اهي سڀئي الله پاڪ جي ذات تي ايمان رکندڙ هئا۔ اچو هاڻي والده ماجده حضرتِ آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو تذڪرو ٻڌون ٿا ته الله پاڪ پنهنجي نبي جي نور جي لاءِ انهن کي ڪيئن چونڊيو:

يمني عالِم جي اڳڪٿي

حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڏاڏا حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي شهزادي جي لاءِ فڪر مند هئا ۽ ان جي لاءِ اهڙي عَورَت جي ڳولها ۾ هئا جيڪا حُسنِ صُورت سان گڏوگڏ اعليٰ سيرت ۽ ڪردار جي مالِڪ، حسب ۽ نسب ۽ پادامني ۽ پارسائي ۾ به ممتاز هجي۔ فرمائن ٿا: سرديءَ جو موسم هو، اسان تجارتي قافلي سان گڏ يمن وياسين، اتي زَبُور شريف تي ايمان رکڻ واري هڪ عالِم سان منهنجي ملاقات ٿي، ان جي پڇڻ تي مون ٻڌايو ته مان قبيله قريش ۾ بنو هاشِم مان آهيان۔ ان منهنجي چهري جي بَعض حصي کي غور سان ڏسي چيو: مان شاهدي ڏيان ٿو ته اوهان جي هڪ هٿ ۾ بادشاهت ۽ ٻي ۾ نبوت آهي پر اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو...!! اسان جي عِلم مُطَابِق نبوت بنو زُهره جي حصي ۾ آهي۔ پوءِ چوڻ لڳو: جڏهن اوهان واپس وڃو ته بنو زُهره ۾ نِڪاح ڪيو۔([1])

حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها

”بنو زُهره“ قريش قبيلي جي هڪ شاخ آهي، حضرت آمنه بنت وَهب رَضِىَ اللهُ عَنۡها


 

 



[1]...مستدرك، كتاب تواريخ المتقدمين ...الخ، ذكر اخبار سيد المرسلين ...الخ، ٣/٤٩٧، حديث:٤٢٣٢.