Share this link via
Personality Websites!
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهي سبب صَحابه ڪرام رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([1])
)6 (دُرُودِ شَفاعت
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنۡزِلۡہُ الۡمَقۡعَدَ الۡمُقَرَّبَ عِنۡدَکَ یَوۡمَ الۡقِیَامَة
شافِعِ اُمَم صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیۡہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعَظَّم آهي جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهي ته ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي۔ ([2])
)1( هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون
جَزَي اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَّا ھُوَ اَھلُہٗ
حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِمدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر ملائڪ هڪ هزار ڏينهن تي نيڪيون لکندا آهن ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami