Book Name:Walidain-e-Mustafa

والدينِ مصطفيٰ                        جنتي جنتي

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اِجتِماع

 پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ۾ عشق مدينه وڌائڻ، يادِ مدينه، ذِڪرِ مدينه ڪرڻ، گُنَاهن ۽ فضوليات کان بچڻ، سٺي، بامقصد، سنتن ڀري ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حِصّو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: هفتيوار اِجتِماع۔

الحمد لله! هر جمعرات جو نمازِ مغرب کان بعد ۽ ڪن هنڌن تي نمازِ عِشَاء کان بعد دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اِجتِماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تِلاوت، نعت، بيان ۽ ذِڪر ۽ دُعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقا پڻ لڳايا ويندا آهن، ايئن هفتيوار اِجتماع جي ذريعي نيڪيون ڪمائڻ ۽ عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو خوب موقعو ملندو آهي، اوهان به پَڪي نيت ڪيو جو اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هر جمعرات پابندي سان پاڻ به هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪندس ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ٻين کي به گڏ وٺي ايندس۔

ٽيبل ٽينس جو شوقين ڪيئن سُڌريو...؟

ڪراچي جي رهندڙ هڪ اسلامي ڀاء جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هو مذهبي ذِهن نه هئڻ جي ڪري فضوليات ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گُنَاهن جو به سلسلو هو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو هو ۽ بعض اَوقات اهو سلسلو رات دير تائين جارِي رهندو، هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته