Book Name:Walidain-e-Mustafa

خواب بيان ڪرڻ واري وٽ پهتو، ان کي خواب ٻڌايائين ته ان جو رنگ به ڦڪو ٿي ويو، پوءِ ان ٻڌايو: جيڪڏهن اهو خواب سچ آهي ته سندن اَولاد ۾ هڪ شخص اوڀر ۽ اولھ جو مالِڪ ٿيندو، ماڻهو ان جي پيروي ڪندا۔([1])

 حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڏي حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو اهو خواب سچ ثابِت ٿيو، ڪجھ عرصي کان پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت فاطمه بنت عَمرو مَخزومِيه رَضِىَ اللهُ عَنۡها کان نڪاح فرمايو، ان مان والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ولادتِ باسعادت ٿي، پوءِ ان وٽ نورِ خدا، احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما ٿيا۔

خدا نے بھیج کے نورِ نبی کو آپ کے گھر                                                   بتا دیا ہمیں راشد ہیں پیارے عبداللہ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نور جيئن ته والدِ مصطفيٰ حضرتِ عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيشاني ۾ هو، ان ڪري جڏهن ان جي پيدائش ٿي ته ان جو چهرو نور سان جڳمڳائي رهيو هيو جيئن ته حضرتِ عباس بن عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جڏهن حضرتِ عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ولادت ٿي، اُن جو چهرو نور سان ايئن جڳمڳائي رهيو هو جيئن سج چمڪندو آهي، والدِ محترم حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڏسي فرمايو: هن ٻار جو شان تمام مٿانهون آهي۔([2])

حضرت عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه   جو ايمان افروز خواب

حضرت عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڌيڪ بيان فرمائن ٿا: مون خواب ڏٺو ته حضرت ”عبدُ الله“ جي جسم مان سفيد پکي نڪتو ۽ اڏامي اوڀر کان اولھ تائين پهتو پوءِ


 

 



[1]...دلائل النبوة، الفصل السادس، توقع الكهان وملوك الارض بعثته، جزء:اول، ص٥٤ملتقطًا.

[2]...خصائص الكبرى، باب ماظهر فى ليلة مولده صلى الله عليه وسلم...الخ، ١/٨٣ملتقطًا.