Book Name:Walidain-e-Mustafa

جاهليت واري دور ۾ به پردي جو اهتمام

           امام جلال الدين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نالي وارو مصنف، تمام وڏو مفسر، محدث، فَقيه، شاعر، تاريخ دان ۽ ماهر لغت هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي زماني جو مجدِّد ۽ تمام وڏو عاشقِ رسول به هو۔ ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي 75 ڀيرا جاڳڻ واري حالت ۾ پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي۔ ۽ پاڻ هڪ اهڙو تفسير لکيو آهي جنهن ۾ ڏھ هزار کان وڌيڪ حديثون نقل ڪيون اٿس ۽ سندن ڪتابن جو تعداد 200 کان وڌيڪ آهي ۽ پاڻ والدينِ مصطفيٰ جي ايمان تي 6 رسالا پڻ لکيا آهن، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدَه آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها پاڪ دامن، پرده دار ۽ گھر جي چار ديواري ۾ رهي ڪري مردن جي ميل جول کان پري رهڻ واري خاتون هئي۔([1])

بي پردگي بي عقلن جو طريقو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام کان پهريان واري دور ۾ جڏهن خالي بي پردگي نه فحاشي به عام هئي، انهيء زماني جي باري ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو:

وَ لَا تَبَرَّجْنَ تَبَرُّجَ الْجَاهِلِیَّةِ الْاُوْلٰى  (پ٢٢، الاحزاب: ٣٣)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اڳوڻي جاهليت جي بي پردگي جيان بي پرده نه رهو.

سُبحٰن الله! مصطفي ڪريم جي والده، حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها اهڙي ماحول ۾ به باپرده ۽ باحيا رهيون۔ مَعلُوم ٿيو بلند ڪردار ماڻهو زماني جي انڌي تقليد ناهن ڪندا، بلڪه عقل ۽ دانائي سان ڪم وٺندا آهن ۽ اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار اپنائيندا آهن، اهو به معلوم ٿيو ته جاهليت واري زماني ۾ به بي پردگي بي عقل بلڪ


 

 



[1]...رسائل امام جلال الدين، مسالك الحنفا...الخ، المسلك الاول، ص١٧.