Book Name:Walidain-e-Mustafa

جن جو تَعَلُّق بنو زُهره سان هو، حسب ۽ نسب ۽ مقام ۽ مرتبي جي لحاظ کان ان وَقت جي تمام عورتن ۾ افضل ۽ اعليٰ هيون، الله پاڪ کين ظاهري حُسن ۽ جمال سان گڏوگڏ اعليٰ اَوصاف ۽ ڪردار ۽ باطني ڪمالات سان به خوب نوازيو هو، عقل مندي ۽ دانائي جي سبب اوهان کي ”حَڪيمَه“ چئي پُڪاريو ويندو هو۔([1])

”آمنه“ نالي جي وضاحت

مُفسِّرِ قرآن مفتي احمد يار خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آمنه جي معني آهي: ايمان واري بيبي يا امان واري بيبي يا امانت واري بي بي رَضِىَ اللهُ عَنۡها۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: ”آمنه“ ۾ 4 اکر آهن: )1(: الف، )2(: ميم، ﴿3: نون ۽ ﴿4: ها۔ الف مان ”الله“ جي طرف اشارو آهي، ”ميم“ مان محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جانِب، ”نون“ مان نور جي طرف ۽ ”ها“ مان هدايت ڏانهن۔

تم سے ایمان و امانت اور امن

تم سے فیضاں، تم سے عرفاں آمنہ

آمنہ کے تین معنیٰ بالیقیں

با امانت، امن و ایماں آمنہ

تم سے اللہ و محمد ہیں عیاں

نور    و ہُدیٰ    تم   میں   پِنْہاں   آمنہ([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...تاريخ الخميس، الطليعة الثالثة، ذكر تزوج عبد الله آمنة، ١/٣٣٥ بتغير قليلٍ.

[2]...رسائل نعیمیہ، دیوان سالِک، ص۳۲بتقدم وتاخر۔