Book Name:Walidain-e-Mustafa

الله جي وليه سيده آمنه

          الله جي وليه سيده آمنه کي اهو شرف حاصل هو ته ولادت جي ڏينهن ۾ هر مهيني ۾ کين نبي سڳورن جي زيارت ٿيندي هئي۔ الله جي وليه سيده آمنه کي اهو شرف حاصل هو جو ولادتِ مصطفيٰ جي وقت مڪي ۾ رهندي شام جي محلن کي ڏٺائون۔ الله جي وليه سيده آمنه کي اهو شرف حاصل هو جو پاڻ اصحابِ فيل کي ابابيل جو پٿريون هڻڻ واري واقعي کي ڏٺو هو۔ الله جي وليه سيده آمنه کي اهو شرف حاصل هو جو پاڻ سرور ذيشان سلطانِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ننڍپڻ ۾ ئي سندن نبي هئڻ جي تصديق ڪئي هئي۔

والدينِ مصطفيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُما صحابي آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! نبين جي سلطان، رسولِ ذيشانصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري حيات ۾ جاڳندڙ اکين سان ايمان جي حالت ۾ زيارت ڪرڻ ۽ ايمان ئي تي دُنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ واري کي صَحَابِي چوندا آهن۔ اَلحَمدُ لِلّٰه! والدينِ مصطفيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُما صَحَابِي آهن ۽ صحابي به ڪهڙا انوکا آهن جو رسولِ ذيشان رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان انهن کي زِندھ ڪيو، چهرۂ اَنوَر ڏيکاري ڪلمو پڙھايائون ۽ اُمّت ۾ شامِل ڪري صَحَابي واري درجي تي فائِز ڪيائون۔ اهڙي صَحَابيت ڪنهن ٻي جي حِصّي ۾ نه آئي۔

اَهلِ سُنّت جا ٻه سچا ۽ پيارا عقيدا

اي عاشقانِ رسول! ”صَحَابِي“ تمام اونچي رُتبي وارا آهن۔ قرآن ۽ حديث مان ثابِت شُده اَهلِ حق اَهلِ سُنّت و جماعت جا ٻه عقيدا آهن: (۱): ڪو ولي ڪيتري ئي وڏي رتبي وارو هجي، ڪنهن صَحَابِي جي رُتبي کي نٿو پهچي سگھي۔ (۲): تمام صَحَابه ڪرام جنتي آهن، اهي جهنم جو هلڪو آواز به نه ٻڌندا۔