Book Name:Walidain-e-Mustafa

جن کي امام اهل سنت مولانا امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سلطانِ نعت جي لقب سان ياد ڪندا هئا جيئن پاڻ فرمايائون:

کافی سلطانِ نعت  گویاں ہے رضا                                                           اِنْ شَآءَ اللہ    میں وزیراعظم

يعني مولانا ڪافي کي نعت خواني جو سلطان چيائون ۽ پاڻ کي عاجزي طور هن فن جو وزيراعظم چيائون۔

 مولانا ڪافي کي تحريڪ آزادي 1857 ۾ جهاد جي فتوي ڏيڻ سبب گرفتار ڪيو ويو ۽ سخت اذيتون ڏنيون ويون، جسم تي گرم استري تائين رکي وئي۔ زخمن تي لوڻ مرچ ٻُرڪيو ويو ۽ آخر ڪار ان عاشقِ رسول کي سرعام چوڪ مراد آباد ۾ تخته دار تي لٽڪايو ويو. ۽ شهادت جي تقريباً 35 سالن کان بعد مولانا ڪافي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قبر کلي ته ماڻهن ڏٺو ته سندن جسم صحيح ۽ سلامت هو ڄڻ ته هينئر ڪفن ڏنو ويو آهي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

مسئلو  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* سٺين سٺين نيتن سان شروع کان آخر تائين بيان ٻُڌو * اَدب سان ويهڻ جي نيت ڪيو * جيڪڏهن قلم ۽ ڊائري اوهان وٽ آهي ته اهم نڪتا نوٽ ڪرڻ جي به نيت ڪري وٺو.

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد