Book Name:Walidain-e-Mustafa

هڪ اسلامي ڀاء ان کي ۽ ان سان گڏ کيڏڻ وارن کي نماز پڙھڻ ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، اسلامي ڀائر ان کي مسلسل نيڪي جي دعوت پيش ڪندا رهيا، آخر هو ٽيبل ٽينس جو شوقين هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو، الحمد لله! هفتيوار اجتماع جي برڪت سان آهسته آهسته ان جي دِل نرم ٿي وئي، ان جي اونداهه دِل جي ڪارڻ لهڻ لڳي، ان پنهنجي تمام گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ فضوليات کي ڇڏي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

یہاں سنتیں سیکھنے کو ملیں گی                   دِلائے گا خوفِ خُدا مدنی ماحول

تُو آبےنمازی، ہے دیتا نمازی               خُدا کے کرم سے بَنَا مدنی ماحول

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايپلي ڪيشن جو تعارف

ڪلمو ۽ دعا

اَلحَمدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ ڪم و بيش 100 شعبن (Departments) ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي۔اَلحَمدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ (I.T Department)عاشقانِ رسول جي لاءِ کوڙ ساريون موبائل ايپلي ڪيشنز (Applications) جاري ڪيون آهن۔ ٻارن جي تربيت جي لاءِ هڪ بهترين موبائل ايپلي ڪيشن بنام ڪلمه ۽ دعا” Kalma and Dua “به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ مڪمل 6 ڪلما، پياريون پياريون دعائون، سنتون ۽ آداب دلڪش انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن۔ اها ايپلي ڪيشن اردو ۽ انگلش زبان ۾ آهي۔ اها ايپلي ڪيشن والدين جي لاءِ ٻارن کي اسلامي ماحول ڏيڻ ۾ وڏي معاون ۽ مددگار آهي، لهٰذا هن مان ڀرپور فائدو کڻي سگھجي ٿو، اڄڪلھ عموماً ٻار ويڊيو گيمز (Video