Book Name:Walidain-e-Mustafa

پاڪ حڪم ارشاد فرمايو آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا وَّ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ) سورۂ تحريم،پاره۲۸،آيت۶)        

ترجمو ڪنز العرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي جانين ۽ گهروارن کي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي هڪ ڪرامت

حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو پيءُ حضرت وَهب رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ڏينهن شِڪار جي لاءِ جنگل ويو، اتي ان عجيب منظر ڏٺو، حضرت عبدُالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جيڪي شڪار جي لاءِ آيا هئا، جنگل ۾ اڪيلا آهن ۽ يهود جا تقريباً نوي (90) ماڻهو اگھاڙيون تلوارون کڻي کين گھيري ورتو هو۔ حضرت وَهب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ قرشِي نوجوان کي مشڪل ۾ ڏسي مان ان جي مدد جي لاءِ وڌڻ وارو ئي هئس جو اوچتو چند گھوڙي سوار ظاهر ٿيا، اهي انسانن جھڙا نه هئا، انهن ايندي ئي يهودي گروھ تي حملو ڪري انهن کي ماري ڀڄايو ۽ والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي حفاظت سان انهن جي گھر تائين پهچائي ڇڏيو۔([1])

حضرت عبدُ الله ۽ آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡهُما جو مبارڪ نڪاح

اهو منظر ڏسي حضرت وَهب رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان گھڻو متاثر ٿيو ۽ دِل ئي دل ۾ پختو ارادو ڪري ورتو ته پنهنجي نورِ نظر آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو نِڪاح ان ئي سان ڪندس۔ گھر اچي پاڻ پنهنجي زال يعني حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها


 

 



[1]...تاريخ الخميس، الطليعة الثالثة، ذكر تزوج عبد الله آمنة، ١/٣٣٤ بتغير قليلٍ.