Book Name:Walidain-e-Mustafa

آهن۔ منهنجي پڇڻ تي اُن پنهنجو نالو خِضَر ٻڌايو، ان سان گڏ هڪ ٻيو بُزرگ پڻ هو، مون ان جو نالو پڇيو ته فرمايائون: هي اِلياس عَلَيۡهِ السَّلَام آهن۔ مون عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان تي رحمت فرمائي، ڇا اوهان ٻنهي حَضَرات سرورِ ڪائنات، شَهنشاھ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِيارت ڪئي آهي؟ اُنهن فرمايو: ها! مون عرض ڪيو: بيڪسن جي مددگار، ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ٻڌل ڪو ارشادِ پاڪ ٻڌايو ته جيئن مان اوهان کان رِوايت ڪري سگھان، اُنهن فرمايو: اسان آقاءِ دو جهان، سرورِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو فرمائيندي ٻڌو ته جيڪو شخص مون تي دُرُود پاڪ پڙھي ان جي دل نِفاق کان اهڙي طرح پاڪ ڪئي ويندي آهي جهڙي طرح پاڻي سان ڪپڙو پاڪ ڪيو ويندو آهي۔ ۽ جيڪو شخص ’’صَلَّي اللّٰه علٰي مُحَمَّد‘‘ پڙھي ته اهو پاڻ تي رَحمت جا 70 دَروازا کولي ڇڏيندو آهي۔[1]

عاصیو جُرم کی دوا ہے دُرود                            کیا دوا عینِ کیمیا ہے دُرود

ایک ساعت میں عمر بھر کے گناہ                 کرتا معدوم او رفنا ہے دُرود

چھوڑیو مت دُرود کو کافی                               راہِ جنت کا رہنما  ہے دُرود[2]

شعر جي مختصر تشريح: اي گناھ گارو درودِ پاڪ هر جرم جي دوا آهي دوا ڇا بلڪه جرم جي معافي ۾ اهڙي نادر شيء آهي جو هڪ لمحي ئي ۾ سڄي عمر جا گناھ ختم ڪري انهن کي مٽائي ڇڏيندو آهي۔ تنهنڪري اي ڪافي دُرودِ پاڪ پڙھڻ نه ڇڏجان جو جنت جي راھ جي لاءِ اهو رهنما جي حيثيت رکي ٿو۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! اهي شعر مولانا ڪفايت الله ڪافي شهيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا آهن۔


 

 



[1]... القول البد یع، الباب الثانی فی ثواب الصلاۃ والسلام الخ ،ص۲۷۷ ملتقطاً وملخصاً

[2]... نعتِ کافی ، ص۳۹،ماہنامہ نعت لاہور۔