Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

جي سعادت حاصل ڪريون ٿا ۽ نيت ڪيون ٿا ته اسان به پنهنجا اَخلاق دُرست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه بارگاھ مُصطفٰي ۾ اِستغاثو پيش ڪندي عرض ڪن ٿا۔

مِرے اَخْلاق اچھے ہوں مِرے سب کام اچھے ہوں

بنا دو مجھ کو تم پابندِ سُنّت یارسولَ الله

(وسائلِ بخشش،ص332)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اَخلاقِ مُصطَفٰي جو بهترين مثال

حضرت سَيدُنا زيد بن سَعنَه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جيڪي (اسلام آڻڻ کان) پهريان هڪ يهودي عالِم هئا، انهن هڪ ڀيري حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ڪجھ کجورون خريد ڪيون هيون۔ کجورون ڏيڻ جي مُدّت ۾ اڃا 2 يا 3 ڏينهن باقي هئا ته اُنهن مسجد ۾ حضور، سراپا نور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دامن ۽ چادر پڪڙي نهايت تکي نگاهن سان پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن ڏسندي ائين چيو: اي محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! عبدالمطّلِب جي تمام اولاد جو  اهو ئي طريقو آهي ته توهان هميشه ماڻهن جا حق اَدا ڪرڻ ۾ دير ڪندا آهيو ۽ حيلا بهانه ڪرڻ اوهان ماڻهن جي عادت بڻجي چڪي آهي. هي منظر ڏسي اميرُالمومنين حضرت سَيدُنا عُمَرفاروقِ اعظم رَضِى اللّٰه عَنْه نهايت ڪاوڙ واري نگاھ سان گھُوريندي ان کي چيو: اي خُدا جا دُشمن! ڇا تون الله پاڪ جي رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان اهڙي گُستاخي ڪري رهيو آهين؟ خُدا جو قسم! جيڪڏهن حضورِ اڪرم، نورِ مجسّمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَدب جو لحاظ نه هجي ها ته مان هاڻي جو هاڻي پنهنجي تلوار سان تنهنجي سسي لاهي ڇڏيان ها۔ اهو ٻڌي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم