Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

اَخلاق سنوارڻ جا طريقا

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان بداَخلاقي جي دِيني ۽ دُنياوي نُقصانن جي باري ۾ ٻڌو آهي، اُميد آهي ته انهن کي ٻڌي دل ۾ ان سان نفرت پيدا ٿي هوندي ۽ توبه جو ذهن بڻيو هوندو، پر سوال هي آهي ته آخر اهي ڪهڙا اهڙا اُمور آهن جنهن جي برڪت سان اسان پنهنجي اَخلاق کي سنوارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون ٿا۔ ته ياد رکو! اَخلاق کي درست ڪرڻ جيتوڻيڪ هڪ مشڪل ڪم آهي، پر ناممڪن ناهي، اسان جو ڪم محض ڪوشش ڪرڻ آهي، ڪاميابي ڏيڻ واري ذات، الله پاڪ جي آهي۔ اچو! اَخلاق سنوارڻ ۽ چڱي اَخلاقن جو پيڪر بڻجڻ جي لاءِ ٻارهين جي نسبت سان 12 طريقا ٻڌو ۽ ان تي عمل جي ڪوشش جي نيت به ڪيو:

(1) اَخلاق سنوارڻ جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ ٻاڏايو ۽ پنهنجي هٿن کي بلند ڪري اشڪبار اکين سان بُري اَخلاق کان نجات جي دُعا گھرو، (2) ڪنهن پيرِ ڪامل جو دامن مضبوطي سان پڪڙي وٺو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اَخلاق سنورجي ويندا (3) چڱي اَخلاق جي فضيلتن ۽ بُري اَخلاق جي نُقصانن تي مشتمل حديثن ۽ روايتن، واقعن ۽ بزرگن جي قولن کي بار بار پڙھو (4) ڏينهن جو اڪثر حصو خاموشي اختيار ڪيو ۽ وس آهر لکي يا اشاري سان گفتگو جي عادت بڻايو، (5) پابندي سان تلاوتِ قرآن مع ترجمو قرآن ڪنزالايمان ۽ ان سان تفسير خزائن العرفان يا نورُالعرفان يا صراطُ الجنان جو مُطالعو ڪرڻ جو معمول بڻايو (6) بُرن ماڻهن جي صحبت کان بچندا رهو (7) دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي ٻارهن (12) مدني ڪمن کي پنهنجي دل سان سانڊي وٺو، (8) دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماعن ۽ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي علم ۽ حڪمت سان ڀرپور مدني مذاڪرن ۾ پابندي سان شرڪت فرمايو. (9) دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول سان گڏ