Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

ھَدِيةً طَلَب ڪري پاڻ به هن جو مُطالعو فرمايو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net  تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاون لوڊ (Download)۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔ ان کان علاوه رسالا ”مٺا ٻول، اِحترامِ مُسلم“ جو مطالعو به تمام فائديمند رهندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڌيء کي اذيت ڏيڻ واري کي به مُعاف ڪري ڇڏيو

تاجدارِ رِسالت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادي حضرت سَيدَتُنا زَينَب رَضِى اللّٰه عَنْها کي اُن جي مڙس ابُو العَاص بن ربيع رَضِى اللّٰه عَنْه غَزوه بدر کان بعد مدينه مُنَوَّره جي لاءِ روانو ڪيو. جڏهن مڪي جي قريشن کي سندن روانگي جي خبر پئي ته انهن حضرت سَيدَتُنا زَينَب رَضِى اللّٰه عَنْها جو پيڇو ڪيو ايستائين ذِي طُويٰ نالي مقام تي اُنهن کي ڏٺائون. هبَّار بن اَسوَد حضرت سَيدَتُنا زَينَب رَضِى اللّٰه عَنْها کي نيزو هنيو جنهن سبب پاڻ رَضِى اللّٰه عَنْها اُٺ تان ڪري پيون ۽ پاڻ رَضِى اللّٰه عَنْها جو حمل ضايع ٿي ويو۔([1])

حضرت سَيدُنا جُبَيربن مُطعِم رَضِى اللّٰه عَنْه فرمائن ٿا: مقامِ جِعِرَّانَه تان واپسي تي اسان رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ ويٺل هئاسين ايتري ۾ رسولُ الله  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دروازي مان هبَّار بن اَسوَد (جنهن اڃا تائين اسلام قبول نه ڪيو هو) داخل ٿيو (۽ ويهي رهيو)، صحابه ڪرام رَضِى اللّٰه عَنْهمْ اَجْمَعِين عرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هبَّار بن اَسوَد (آيو آهي)۔ اِرشاد فرمايائون: مون ان کي ڏسي ورتو آهي۔ هڪ شخص ان کي مارڻ جي لاءِ اٿي بيٺو ته نبي مڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي ويهڻ جو اشارو ڪيو۔ هبَّار بيهي ڪري چيو، اي الله جا


 

 



[1] سیرت نبویّۃ لابن ہشام،غزوۃ بدر الکبری،خروج زینب الی المدینۃ،ص۲۷۱-۲۷۰ملخصاً