Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

2۔   مسلمان کي سٺي اَخلاق کان بهتر ڪا شيء ناهي ڏني وئي۔([1])

3۔   مومن پنهنجي سٺي اَخلاق جي ڪري رات ۾ عبادت ڪرڻ ۽ ڏينهن جو روزو رکڻ واري جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي۔ ([2])

 

اَخْلاق ہوں اچّھے مِرا کِردار ہو سُتھرا                                      محبوب کا صَدْقہ تُو مجھے نیک بنا دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان سٺي اَخلاق جون فضيلتون ٻڌيون، جنهن کي ٻڌڻ پوءِ يقيناً اسان جو بُرا اَخلاق ڇڏڻ ۽ سٺا اَخلاق اَپنائڻ جو ذِهن به بڻيو هوندو، پر سُوال هي پيدا ٿئي ٿو ته سٺي اَخلاق مان ڇا مُراد آهي؟ اچو ٻڌون ٿا ته سُٺا اَخلاق ڇا کي چوندا آهن؟

سٺا  اَخلاق ڇا کي چوندا آهن؟

هڪ شخص حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، مَحبوبِ رَبِّ اَڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان سٺي اَخلاق جي باري ۾ سُوال ڪيو، ته رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي اڳيان اها آيت سڳوري تِلاوَت فرمائي:

خُذِ الْعَفْوَ وَ اْمُرْ بِالْعُرْفِ وَ اَعْرِضْ عَنِ الْجٰهِلِیْنَ(۱۹۹)

ترجموڪنزالايمان؛ اي محبوب معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ ڀلائي جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ.

اَميرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا موليٰ مشڪل ڪشا، شيرِ خُدا کرَّمَ اللّٰه وَجْهه الْکرِيم 


 

 



[1] شعب الایمان،باب فی حسن الخلق،۶/ ۲۳۵، حدیث:۷۹۹۲مفہوماً

[2] ابو داود،کتاب الادب،باب في حسن الخلق، ۴/۳۳۲،حدیث:۴۷۹۸