Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

لاڳيتو 12 مهينا، هر 12 مهينن ۾ 1 مهينو (30ڏينهن) ۽ سڄي عُمر هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلن ۾ سفر ۽ روزانو پنهنجو جائزو وٺندي نيڪ اعمال جو رِسالو ڀريو (10) دعوتِ اسلامي تحت ٿيڻ وارا مختلف ڪور مثلاً فيضان نماز ڪورس، اصلاحِ اعمال ڪورس، مدني تربيت ڪورس وغيره ڪري وٺو۔ (11) مدني چينل تي نشر ٿيڻ وارا مختلف سلسلا ڏسندا رهو (12) دعوتِ اسلامي 80 شعبن مان ڪنهن شعبي ۾ پنهنجي خدمت پيش ڪيو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه هنن طريقن تي عمل جي برڪت سان بُري اَخلاق جو خاتمو ٿيندو ۽ سٺا اَخلاق اپنائڻ جو ذهن بڻجندو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! صاحبِ خُلقِ عظيم، محبوبِ ربِّ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اخلاقِ ڪريمه تي مشتمل اهڙيون بيشُمار حديثون ۽ واقعا موجود آهن جنهن کي ٻڌي عقل حيران رهجي ويندا آهن ۽ بُري اَخلاق ۽ سخت مزاج وارن کي پنهنجي اصلاح جي توفيق پڻ حسن اَخلاق، نرمي ۽ عَفو و دَرگُذر جي دولت نصيب ٿيندي آهي جڏهن ته خُوش اَخلاق مسلمانن جي اَخلاق ۾ گھڻي بهتري ۽ انهن کي ايمان جي تازگي ملندي آهي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ اخلاقِ مُصطَفٰي جون وڌيڪ چند جھلڪيون ملاحظه ڪيو ۽ ان جي برڪتن سان پنهنجي اَخلاق کي مزين ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، جيئن

اَخلاقِ مُصطَفٰي جون جھلڪيون

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”احترامِ مسلم“ ۾ اَخلاقِ مُصطَفٰي جي ڪجھ جھلڪين کي هيئن بيان فرمائن ٿا:

* سلطانِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر وقت پنهنجي زبان جي حفاظت فرمائيندا هئا