Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

الحمد لله! نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، سنتن کي هر هڪ تائين پهچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳس۔ الحمد لله! مدني مذاڪري جي ذريعي منهنجي اهڙي تربيت ٿي جو 26 ساله زندگي ۾ ڪڏهن نه ٿي هئي۔ (اجنبی کا تحفہ، صفحہ:28، خُلاصۃً) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا  اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

ان کی سنَّت کا جو آئینہ دار ہے                                         بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

(وسائلِ بخشش،ص۴۷۲)

ڳالھ ٻولھ جون سنّتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 163 مدني گل مان ڳالھ ٻولھ  جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا:

]1[ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي۔

]2[ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ انشآءَاللهٻنهي وٽ توهان معزز رهندؤ۔

]3[ وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه دوست هڪٻئي سان بي تڪلفي مان


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵