Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

دين ۾ مهارت به بخشي، عقل مندي ۽ دانائي به عطا ڪئي، حڪمت سان به نوازيو، شيخ طريقت، رهبرِ شريعت، امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا، ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه هن دور ۾ الله پاڪ جي عظيم نعمت آهن۔ دين ۽ دُنيا جي بهتري ماڻڻ، دِل ۾ عشق رسول جي شمع جلائڻ، گُنَاهن کان بچڻ، نيڪيون اپنائڻ، محتاط بڻجڻ ۽ دانائي وڌائڻ جي لاءِ انهن جي اعليٰ تجربات کان فائدو وٺو! الحمد لله! پاڻ هر ڇنڇر ۽ آچر جي درمياني رات مدني چينل تي براهِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائن ٿا، جنهن ۾ سڄي دنيا کان عاشقانِ رسول ديني ۽ دنياوي مشڪلاتن جي حل جي لاءِ سندن بارگاھ ۾ سوال ڪندا آهن ۽ پاڻ عِلم ۽ حڪمت سان ڀرپور جواب ڏيندا آهن ۔ اوهان به هر هفتي مسلسل مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت بڻايو! ان شآء الله! پاڻ ئي ان جون برڪتون ڏسي وٺندؤ۔

روزانو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي برڪت

حيدر آباد (سنڌ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد ته ننڍپڻ ئي کان هيس، پر شيطان مون کي دُنيا ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، منهنجي قيمتي زندگي غفلت ۾ گذري رهي هئي، خوش قسمتي سان هڪ ڏينهن هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي سان ملاقات ٿي، ان ٻڌايو: جيڪو امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا بيان ٻڌي، پاڻ ان سان خوش ٿين ٿا۔ اسلامي ڀاءُ جو اهو جملو منهنجي دِل تي لڳو ۽ دِل ۾ مرشِدِ جي محبت جاڳي پئي، رَوزانو هڪ مدني مذاڪرو ٻڌڻ لڳس۔ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي پُرتاثير گفتگو جي برڪت سان گُنَاهن کان نفرت ٿيڻ لڳي ۽ نيڪين جي محبت دِل ۾ وڌڻ شروع ٿي، اڃان ڪجھ ئي مدني مذاڪرا ٻُڌا هئا جو منهنجي حليي، منهنجي ڪردار ۽ اندازِ زندگي ۾ تبديلي اچڻ لڳي، مون کي سنتن تي عمل جو جذبو مليو ۽