Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

تعليم آهي ته اسان به چڱا اَخلاق اختيار ڪيون ۽ الله پاڪ کان چڱي اَخلاق ملڻ جي دُعا گھرندا ڪيو۔

                                                                                                                                                                                       ہو اَخلاق اچھا ہو کِردار سُتھرا

مجھے  مُتّقی  تُو  بنا  یا  اِلٰہی

           (وسائلِ بخشش،ص104)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بداَخلاقي جا ديني ۽ دنيوي نُقصان

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! حسن اَخلاق جي لازوال نعمت سان مالا مال خُوش نصيب مسلمان دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ۽ سڀني جو محبوب هوندو آهي، جڏهن ته بُري اَخلاق جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ شرمندگي ۽ افسوس کان علاوه ٻيو ڪجھ نه ورندو۔ اچو! بُري اَخلاق جي ڪجهه دِيني ۽ دُنياوي نُقصانن جي باري ۾ ٻڌون ٿا

* بد اَخلاقي نحوست آهي، * بد اَخلاقي پاڻ به بدعملي آهي ۽ ڪيئي بد عملين جو ذريعو آهي۔([1]) * ڪوڙ، ٺڳي، وعده خلافي سڀئي بداَخلاقي جون شاخون آهن۔([2]) * بد اَخلاقي پاڻ ۾ اختلاف جو سبب آهي۔([3]) * بد اَخلاقي پاڻ ۾ بغض ۽ حسد ۽ جدائي پيدا ڪندي آهي۔([4]) * بد اَخلاقي کان پياري آقا صَلَّى اللهُ   عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پناھ گھري۔([5]) * بد اَخلاقي ۽ بدزباني سان الله پاڪ ناراض ٿيندو آهي، * بد اَخلاقي عمل کي ائين خراب ڪندي آهي جيئن سِرڪو ماکي کي


 

 



[1] مراٰۃُ المناجیح،۶/۴۳۶

[2] مراٰۃ المناجیح،۶/۴۳۶

[3] احیاء العلوم،۲/۵۶۹بتغیر قلیل

[4] احیاء العلوم،۲/۵۶۹

[5] ابو داود کتاب الوتر،باب فی الاستعاذۃ،حدیث:۱۵۴۶،۲/ ۱۳۰ماخوذاًومفہوماً