Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

فرمائن ٿا ته رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: ڇا مان اڳين ۽ پوين جي بهترين اَخلاق جي باري ۾ توهان جي رهنمائي نه ڪيان؟ مون عرض ڪيو، يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ضرور ارشاد فرمايو، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو توهان کي مَحرُوم ڪري توهان ان کي عَطا ڪيو، جيڪو توهان تي ظُلم ڪري توهان ان کي مُعاف ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو توهان سان تعلق ٽوڙي توهان ان سان تعلق ڳنڍيو۔([1])

حضرت سَيدُنا عبدُالله بن مُبارَڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه فرمائن ٿا: خُوش مزاجي سان مُلاقات ڪرڻ، خُوب ڀلائي ڪرڻ ۽ ڪنهن کي تڪليف نه ڏيڻ، بهترين اَخلاق مان آهي۔([2])

ہو اَخْلاق اچّھا ہو کِردار سُتھرا                                   مُجھے مُتَّقِی تُو بنا یا الٰہی

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۱۰۴)

ڪتاب ”حُسنِ اَخلاق“  جو  تعارُف

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! اخلاقِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون برڪتون ماڻڻ ۽ پاڻ کي سٺي اَخلاق جي زيور سان مُزَين ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 91 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”حُسْنِ اَخْلاق“ جو مطالعو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه نهايت مُفيد ثابت ٿيندو، هي ڪتاب حضرت سَيدُنا امام طبراني رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جي عربي تصنيف مَکارِمُ الْاَخْلَاقجو اُردو ترجمو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه هن ڪتاب ۾ حسن اَخلاق، نرم مِزاجي، عاجزي، ماڻهن سان دَرگُذر ڪرڻ، چڱا عمل ڪرڻ، ماڻهن سان محبت ڪرڻ ۽ ٻين ڪيئي عادتن ۽ عبادتن جي فضيلتن وغيره کي بيان ڪيو ويو آهي تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان


 

 



[1] شعب الایمان،باب فی صلۃ الارحام،۶/۲۲۲،حدیث:۷۹۵۶

[2] ترمذی،،کتاب البروالصلۃ،باب ماجاء فی حسن الخلق،۳/۴۰۴، حدیث:۲۰۱۲