Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

ان کي منع فرمائيندا هئا يا اتان کان اٿي ويندا هئا * سادگيءَ جو عالم هي هيو جو ويهڻ جي لاءِ ڪا مخصوص جڳھ به نه رکي هئي * ڪڏهن تڏي تي ته ڪڏهن ايئن ئي زمين تي آرام فرمائيندا هئا * ڪڏهن به ٽهڪ (يعني ايتري آواز سان کِلڻ جو ٻيا ماڻهو هجن ته ٻڌي وٺن) نه لڳائيندا هئا. * صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان فرمائن ٿا: پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان وڌيڪ مرڪڻ وارا ها (يعني موقعي جي مناسبت سان)۔ حضرت سَيدُنا عبدُالله بن حارث رَضِى اللّٰه عَنْه فرمائن ٿا ته مون رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وڌيڪ مرڪڻ وارو ڪو ڏٺو ئي ناهي۔([1])

یا الٰہی! جب بہیں  آنکھیں  حسابِ جُرم  میں                                  اُن تبسّم ریز ہونٹوں کی دُعا کا ساتھ ہو

(حدائقِ بخشش،ص۱۳۳)

شعر جي مختصر وضاحت: اي الله! سڀاڻي قيامت ۾ جڏهن پنهنجي ڏوهن تي اسان جون اکيون اشڪبار ٿين ته پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مرڪندڙ چپن مان نڪرڻ واري مُبارڪ دُعائن جو صدقو اسان گناھگارن کي به عطا فرمائجان۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله تعاليٰ اخلاقِ مُصطَفٰي جي طفيل اسان کي به سٺن اَخلاق سان آراسته ڪامل مسلمان بڻائي ۽ مرڻ گھڙي تائين دعوتِ اسلامي سان وابستگي نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم ”مدني مذاڪرو“

پيارا اسلامي ڀائرو! دورِ حاضِر جي عظيم علمي و روحاني شخصيت، جن کي الله پاڪ دُنيا کان بي رغبتي به عطا ڪئي، گھٽ ڳالهائڻ جي نعمت به ڏني، عِلمِ


 

 



[1] احترامِ مسلم،ص۲۸تا۳۰