Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

تي ۽ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان تي زمين تنگ ڪئي وئي هئي، طرح طرح جون دَردناڪ تڪليفون ڏنيون ويون هيون، مڪو فتح ٿيڻ ۽ مسلمانن کي غَلَبو حاصل ٿيڻ بعد ٻين قيدين سان گڏوگڏ انهن خونخوار درندن کي به گرفتار ڪري عدالتِ مُصطَفٰي ۾ حاضر ڪيو ويو، جيڪڏهن ان موقعي تي ڪو ٻيو دُنياوي شهنشاھ هجي ها ته شايد انهن جي لاءِ سخت کان سخت سزائون تجويز ڪري ها، پر شهنشاھ ڪون و مڪان، رحمتِ دو جهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سان ڪهڙو مُعاملو فرمايو، اچو! اسان به ٻڌون ٿا ۽ مدني گل حاصل ڪيون ٿا:

فتحِ مڪه واري ڏينهن عام مُعافي جو  اعلان

مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 862 صفحن تي مُشتمل ڪتاب سيرتِ مُصطفيٰ جي صفحي 437 تي آهي ته 8 هجري  ۾ جڏهن مڪو فتح ٿيو ته رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شَهنشاھ اسلام جي حَيثيت سان حرم پاڪ ۾ سڀ کان پهريون درٻارِ عام مُنعَقِد فرمايو، جنهن ۾ اِسلامي فوج کان علاوه هزارين اسلام جي دُشمنن جو هڪ زَبَردَست هجوم هو. ان شَهنشاهي خُطبي ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رڳو اهلِ مڪه ئي نه بلڪ سڀني ماڻهن کي عام خطاب فرمايو۔ خُطبي کان پوءِ شَهنشاھ ڪونين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان هزارن جي ميڙ ۾ هڪ گهري نگاھ وڌي ته ڏٺائون ته ڪنڌ جُھڪائي، نگاهون هيٺ ڪري، خوف ۽ ڊپ سبب قريش جا سردار بيٺل آهن۔ انهن ظالمن ۽ جَفاڪارن ۾ اهي ماڻهو به ها، جنهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي راهن ۾ ڪنڊا وڇايا، اهي ماڻهو به ها جيڪي ڪيئي ڀيرا پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي پٿرن جي بارش ڪري چڪا ها۔ اهي خُونخَوار به ها جنهن بار بار پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي قاتِلاڻا حملا ڪيا ها، اهي بي رحم ۽ بي دَرد به هئا، جن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارَڪ ڏندن (جي ڪجھ حصّي) کي شهيد ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ چهري کي رتو رت ڪيو هو۔