Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اخلاقِ مصطفٰي جون جهلڪيون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي ته اعتڪاف جي نيت ڪندا ڪيو ته جيئن اعتڪاف جو ثواب ملندو رهي ۽ ضرورت پوڻ تي کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره به جائز ٿي ويندو.    هتي هيءَ ڳالھ ذهن ۾ رکو ته اعتڪاف جي نيت  کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)  ٿئي سگهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري 12 ڀيرا درودِ پاڪ پڙهي وٺو يا ٻيو ڪو نيڪ ڪم ڪيو. انشاءَالله ثواب وڌندو رهندو ۽ مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ وغيره به جائز ٿي ويندو.

 دُرُود شريف جي فضيلت

سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ شَفاعت نِشان آهي: جيڪو شخص صُبح ۽ شام مون تي 10، 10 ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھندو،