Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

(عاجزي سان) فرمايو: اي عُمَر! توهان ڇا پيا چئو؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته  توهان مون کي حقوق جي ادائيگي جي ترغيب ڏئي ۽ هن کي نرمي سان تقاضو ڪرڻ جي هدايت ڪري اسان ٻنهي جي مدد ڪيو ها۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حڪم ڏنو ته اي عُمَر! هن کي سندن حق جي برابر کجور ڏئي ڇڏيو! ۽ ڪجھ وڌيڪ به ڏيو۔ حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِى اللّٰه عَنْه جڏهن حق کان وڌيڪ کجور ڏنا ته انهن چيو: اي عُمَر! منهنجي حق کان وڌيڪ ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ پاڻ رَضِى اللّٰه عَنْه فرمايو: جيئن ته مون تکي نگاهن سان ڏسي توکي خوفزده ڪيو هو، ان ڪري حضورِ انور، مديني جي تاجورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان جي دلجوئي جي لاءِ تنهنجي حق کان ڪجھ وڌيڪ ڏيڻ جو مون کي حڪم ڏنو آهي۔ اهو ٻڌي انهن چيو: اي عُمَر! ڇا توهان مون کي سڃاڻو ٿا ته مان ڪير آهيان؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايائون: نه، چيائين مان يهودين جو عالِم زيد بن سَعنَه آهيان۔

 اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمَرفاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: پوءِ توهان حضُور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان اهڙي گستاخي ڇو ڪئي؟ جواب ڏنائين: اي عُمَر! اصل ڳالھ هي آهي ته مون رسول ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ موجود نبوت جون تمام نشانيون سڃاڻي ورتيون پر 2 نشانين جي باري ۾ مون کي سندن امتحان وٺڻ باقي رهجي ويو هو. (1) انهن جي قُوّتِ برداشت سندن غَضَب تي غالب رهندي ۽ (2) جيتري قدر گھڻو انهن سان جهالت ڀريو ورتاؤ ڪيو ويندو، ايتري قدر سندن حِلم (يعني صبر ۽ تَحَمُّل) وڌندو ويندو۔ جيئن ته مون کين ٻنهي نشانين کي به پاڻ ۾ ڏسي ورتو آهي، اي عُمَر! اوهان گواھ ٿي وڃو ته مان الله پاڪ جي رَبّ هئڻ، اسلام جي دِين هئڻ ۽ محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نبي هئڻ تي راضي ٿيس، مان نهايت ئي مالدار ماڻهو آهيان،