Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

هلاڪت جي دُعا ڪن ها، ته الله پاڪ ان کي صفحه هستي تان مٽائي ڇڏي ها، پر حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ائين ڪجھ نه ڪيو، ٿورو غور  ته ڪيو  رحيم ۽ ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بي مثال فضل ۽ احسان ۽ خُلقِ عظيم سان هر خاص ۽ عام متاثر هو، ڇو؟ اهو ان ڪري جو رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليا ويا ۽ خُلقِ عظيم جي باڪمال منصب سان نوازيا ويا آهن، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي جي در تان ڏک درد ڏيڻ وارن مجرمن ۾ مُعافي جا پروانا ورهايا ويندا آهن ۽ ظلم ۽ زيادتي جي بدلي ۾ دُعائون ڏنيون وينديون آهن، جيئن

قوم جي لاءِ هدايت جي دعا

غزوه اُحُد ۾ جڏهن مديني جي سلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارَڪ ڏندن (جي ڪجھ حصي) کي شهيد ۽ چهري مبارڪ کي زخمي ڪيو ويو ته  حضورصّلَى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن ماڻهن جي لاءِ هن طرح دُعا فرمائي: اَللّٰھُمَّ اھْدِ قَوْمِي فَاِنَّھُمْ لَا يعْلَمُوْنَ يعني اي الله منهنجي قوم کي هدايت عطا فرما ڇوته هي ماڻهو مون کي سڃاڻن نٿا۔([1])

حق کی راہ میں پتھر کھائے خُوں میں نہائے طائف میں                                                                             دِین کا کتنی محنت سے کام آپ نے اے سُلطان کیا

جان کے دُشمن خون کے پیاسوں کو بھی شہرِ مکّہ میں                                                                            عام مُعافی تم نے عطا کی کتنا بڑا اِحسان کیا

 (وسائِل بخشش مُرمّم،ص197)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اَخلاقِ حَسَنه جي عظيم مرتبي تي فائز هئڻ جي باوجود به الله جي بارگاھ ۾ سٺي اَخلاق جي دُعا گھرندا ها، جنهن ۾ يقيناً اسان غُلامن جي لاءِ اها


 

 



[1] شفاء،الجزء الاول،اما الحلم،۱/۱۰۵ملتقطاً