Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ مُبارَڪه مان سندن اخلاق مبارڪ جي باري ۾ ٻُڌنداسين جن جي بلندي ۽ عظمت کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي اوڻٽيهين (29 هين) سيپاري جي سُوْرَهٔ قَلَم جي آيت نمبر 4 ۾ ائين بيان فرمايو:

وَ اِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِیْمٍ(۴)

ترجموڪنزالايمان: ۽ بيشڪ تون نهايت اخلاق جو مالڪ آهين.

اسان جي پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي بِعثت جو مقصد ۽ حُسنِ اَخلاق جي اهميت واضح ڪندي ارشاد فرمايو: بُعِثْتُ لِاُتَمِّمَ حُسْنَ الْاَخْلَاقِ يعني مون کي اَخلاق جي حُسن ۽ خوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ئي موڪليو ويو آهي۔([1])

تِرے خُلْق کو حَقْ نے عظیم کہا تر ی خِلْق کوحق نے جمیل کِیا

کوئی تُجھ سا ہوا ہے نہ ہوگا شَہا! تِرے خالِقِ حُسن واَدا کی قسم

شعر جي مختصر وضاحت: يارسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ اوهان جي مُبارَڪ عادتن ۽ طريقن کي قرآنِ ڪريم ۾ عظيم فرمايو ۽ سندن ظاهري جسم کي به اِنتهائي حُسن ۽ جمال بخشيو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حُسن ۽ پياري پياري ادائن کي پيدا ڪرڻ واري رَبّ جو قسم! رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙو حسين ۽ جميل نه پهريان ڪڏهن ٿيو ۽ نه آئنده ڪڏهن ٿي سگھي ٿو۔

اچو! اڄ اسان اَخلاقِ مُصطَفٰي جون ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ٻڌڻ


 

 



[1] مؤطا امام مالک،کتاب حسن الخلق، باب ماجاء فی حسن الخلق،۲/۴۰۴،حدیث:۱۷۲۳