Book Name:Taqwa Kesay Milay

تنهنڪري اتي مزدور لڳائڻ سان گڏوگڏ گاڏين جي آمد ورَفت به بند ڪئي ويندي آهي، اهو ئي حال اسان جي دِل جو آهي، اسان جي دِل گناھ ڪري ڪاري ٿي ويندي آهي، هاڻي رمضان آيو، اسان روزا رکڻ شروع ڪيا، ڄڻ دِل جي صفائي جي لاءِ اسان اندر ڪاريگر لڳائي ڇڏيا، نَفس جي خواهش دٻائڻ جو ڪاريگر، بُک جو ڪاريگر، اُڃ جو ڪاريگر، اهي تمام ڪاريگر آهن جيڪي اسان پنهنجي اندر لڳايا آهن ته جيئن اسان جي دِل جي صَفائي ڪن، اهي ڪاريگر صفائي ته ڪندا آهن پر جيڪڏهن اسان دِل جا رستا بند نه ڪنداسين ته دِل جي صَفائي ٿي نه سگھندي، لهٰذا روزو ته رکڻو ئي رکڻو آهي، ان سان گڏوگڏ دِل جا رستا به بند ڪرڻا آهن ته جيئن روزي جي ذريعي سان دِل جي پوري طرح صفائي ٿي سگھي ۽ دِل ۾ گُنَاهن سان نفرت پيدا ٿي وڃي، هاڻي اهي دِل جا رستا ڪهڙا آهن؟ هي رستا اهي آهن جن جي اسان جي آقا وموليٰ، سَيدِ انبياء
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خواب ۾ اچي نصيحت فرمائي: اِحْبِسْ حَوَاسَڪ پنهنجي حواس کي قيد ڪري وٺو!

خبر پئي ته پيٽ ۽ شرم گاھ جو روزو رکي روزي جو فرض ته ادا ٿي ويندو پر جيستائين اسان هن سان گڏ اک، ڪن، زبان، هٿ ۽ پير جو روزو نه رکنداسين، ان وقت تائين دِل جي مڪمل طور تي صَفائي نه ٿي سگھندي، جڏهن صَفائي نه ٿيندي ته دِل چمڪي نه سگھندي، دِل نه چمڪي ته هن ۾ گُنَاهن کان نفرت پيدا نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن گُنَاهن کان نفرت پيدا نه ٿي ته تقويٰ نه ملي سگھندو ۽ تقويٰ نه ملي سگھيو ته عيد جو چنڊ نظر ايندي ئي شيطان قيد کان آزاد ٿي ويندو ۽ گُنَاهن جو اهڙو بازار گرم ڪرائيندو جو الامان والحفيظ!

اک جو روزو

تنهنڪري اي عاشقان رسول! صرف پيٽ جو نه اک جو به روزو رکو! اسان جا آقا وموليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: عَورت جي مَحاسِن (يعني حُسن وجمال) ڏانهن ڏسڻ شيطان جي زهر ۾ ٻڏل تيرن مان هڪ تير آهي، جيڪو پنهنجي اک کي عورت جي محاسِن (حُسْن وجمال) کان ڦيري وٺي الله