Book Name:Taqwa Kesay Milay
ڪڍي سگھي ۽ اوهان جي مبارڪ بيان جي به ڇا ڳالھ ڪجي! ان جون خوبيون بيان کان ٻاهر آهن۔
پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن ٻن لفظي نصيحت تي جيڪڏهن اسان گهري نظر سان غور ڪيون ته خبر پوندي ته اهو تقويٰ حاصِل ڪرڻ جو بهترين ۽ اَهم ترين طريقو آهي۔ ڏسو! تقويٰ اَصل ۾ دل جي هڪ ڪيفيت جو نالو آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي استادِ محترم جي حوالي سان تقويٰ جي اها تعريف لکي: تَنْزِیْہُ الْقَلْبِ مِنَ الذَّنْبِ دِل کي گُنَاهن کان پري ڪري ڇڏڻ ۔ (منہاج العابدین، تیسرا باب، نفس، صفحہ:158)
ڪيئي ڀيرا ايئن ٿيندو آهي جو جڏهن اسان خوفِ خُدا جو بيان ٻڌندا آهيون، قبر ۽ آخرت ۽ جهنّم جو ذِڪر ٻُڌندا آهيون ته اکين مان لڙڪ وهڻ لڳندا آهن، گناھ نه ڪرڻ جو پَڪو ارادو ڪندا آهيون پر ڪجھ ئي منٽن کان پوءِ ٻيهر گُنَاهن ۾ مُلَوِّث ٿي ويندا آهيون، ان جو ڇا سبب آهي؟ سبب اهو آهي ته اسان جي دِل گُنَاهن کان پري ناهي ٿيندي، جڏهن دِل گُنَاھ کان پري ٿي وڃي، دِل ۾ گُنَاھ کان نفرت پيدا ٿي وڃي ته پوءِ نفس گُنَاھ جي خواهش ڪري به ته دِل ان خواهش کي ٺڪرائي ڇڏيندي آهي، جڏهن دِل ۾ گُنَاھ کان نفرت پيدا ٿي وڃي ته گُنَاھ جا سبب بڻجي به وڃن، پوءِ به دِل اُنهن سببن کان پاسو ڪندي آهي۔ خبر پئي ته تقويٰ اَصل ۾ دِل جي هڪ ڪيفيت آهي پر دِل جي اها ڪيفيت بڻبي ڪيئن؟ ان جي لاءِ هڪ مِثَال سمجھو! جڏهن ڪٿي روڊ ٽٽي پوندو آهي ته اوهان ڏٺو هوندو ته روڊ کي ٻيهر بنائڻ جي لاءِ هڪ ته اتي مزدور (يعني ليبر) لڳائيا ويندا آهن ۽ گڏوگڏ روڊ جي ٻنهي پاسن کان هڪ بورڊ لڳايو ويندو آهي، جنهن تي لکيل هوندو آهي: روڊ ٺهي رهيو آهي، متبادل رستو اختيار ڪيو!
اهو بورڊ ڇو لڳائيندا آهن؟ ان ڪري جو جيڪڏهن اتان کان گاڏيون معمول مطابق گذرنديون رهيون ته مزدور ڪم ڪونه ڪري سگھندا ۽ جيترو هو ڪم ڪندا، روڊ ڇو ته اڃا ڪچو هوندو، مٿان کان گاڏي لنگھندي ته ٻيهر ٽٽي ويندو،