Book Name:Taqwa Kesay Milay

یُّصْلِحْ لَكُمْ اَعْمَالَكُمْ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوْبَكُمْؕ- (پاره22،سورهٔ احزاب:71)                     

ترجمو ڪنزالايمان: توهان جا عمل توهان جي واسطي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. ۽ توهان جا گناھ بخشي ڇڏيندو.

يعني اي ايمان وارؤ! توهان تقويٰ اختيار ڪيو! ان جي برڪت سان الله پاڪ توهان جي عملن جي اِصلاح فرمائيندو۔ ٽئين شيء جيڪا عبادت گذار کي ضرور گھرجي اها آهي:عبادت جي قبوليت، اها به تقويٰ سبب ملندي آهي۔ قرآن شريف ۾ ارشاد آهي:

اِنَّمَا یَتَقَبَّلُ اللّٰهُ مِنَ الْمُتَّقِیْنَ(۲۷) (پاره6،سورۃالمائدۃ:27)

ترجمو ڪنز الايمان: الله انهيءَ کان قبول فرمائيندو جنهن کي خوف آهي.

خبر پئي ته اهي ٽي شيون جيڪي هڪ عبادت گذار جي لاءِ لازِم ۽ ضروري آهن يعني عبادت جي توفيق، عبادت جي اِصلاح ۽ عبادت جي قبوليت، اهي ٽئي تقويٰ سان ملنديون آهن ۽ تقويٰ ڪيئن ملندي آهي؟ روزي جي ذريعي، تنهنڪري ثابت ٿيو: روزو سمورين عبادتن جو دروازو آهي۔

دو جہاں کی نعمتیں ملتی ہیں روزہ دار کو

جو نہیں رکھتا ہے روزہ وہ بڑا نادان ہے

تقويٰ ڪيئن حاصل ڪجي؟

   اي عاشقان رسول! الحمد لله! رمضان جو مهينو جاري ۽ ساري آهي، الله پاڪ جي فضل سان اسان روزا رکڻ جي سَعَادت حاصِل ڪري رهيا آهيون، غور اهو ڪرڻو آهي ته ڇا روزا رکي اسان کي تقويٰ نصيب ٿي رهيو آهي يا نه؟ جيڪڏهن تقويٰ نصيب ٿي رهيو آهي، ته پوءِ وڏي خوشي جي ڳالھ آهي پر