Book Name:Taqwa Kesay Milay

روزي جي برڪت سان توبه نصيب ٿي وئي

 حضرت شيخ ابو بڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٽئين صدي هجري جا وڏي رُتبي وارا بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ پنهنجي زندگي جو هڪ حيرت انگيز ۽ سبق آموز واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان قافلي سان گڏ ملڪ شام وڃي رهيو هئس رستي ۾ ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي اسان تي حملو ڪيو ۽ سڄو سامان کَسي پنهنجي سردار اڳيان گڏ ڪري ان جي جانچ پڙتال ڪرڻ لڳا، هڪ شخص جي سامان مان کنڊ ۽ بادامن جي ٿيلهي نڪتي، سڀئي ڌاڙيل ملي ڪري کنڊ ۽ بادام کائڻ لڳا، پر سندن سردار ان مان ڪجهه به نه کاڌو، شيخ ابو بڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي ڏاڍي حيراني ٿي ۽ مون ڌاڙيلن جي سردار کان پڇيو؛ ٻيا سڀ کائي رهيا آهن پر توهان ڇو نه ٿا کائو؟ ان مونکي وڌيڪ حيرت ۾ وجهندي چيو: مونکي روزو آهي۔ وڏي حيراني جي ڳالھ هئي، هڪ پاسي ٻانهن جا حق پامال ڪيا پيا وڃن، ماڻهن جي پگھر جو پورهيو لٽيو پيو وڃي، غريبن جون آهون، بددُعائون ورتيون پيون وڃن ۽ ٻي پاسي تقويٰ و پرهيز گاري جو مُظَاهرو ڪندي روزو به رکيو آهي، شيخ ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون ان کان پڇيو: توهان ڦُر لٽ به ڪيو ٿا ۽ روزا به رکو ٿا؟ منهنجي ان سُوال تي سردار جواب ڏنو: الله پاڪ سان صلح جي لاءِ به ته ڪا راھ باقي رکڻ گھرجي۔

 حضرت شيخ ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪجھ عرصي کان پوءِ مون کي مڪي مڪرمه ۾ حاضِري جي سَعَادت نصيب ٿي، مون ڌاڙيلن جي ان سردار کي اتي ڏٺو، سندس چهري تي عبادت جو نور هو ۽ مجاهدات کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو اِحرام ٻڌي طوافِ ڪعبه ۾ مَصرُوف هو۔ ان کي ان حالت ۾ ڏسي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر حيرت ٿي، مون تعجب ڪندي پڇيو؛ ڇا توهان اهي ئي شخص ناهيو؟ هن جواب ڏنو؛ جي ها آئون اهو ئي آهيان ۽ ٻڌو! ان روزي ئي الله پاڪ سان منهنجي صلح ڪرائي ڇڏي  آهي۔ (نہر کی صدائیں، صفحہ:7تا8)

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد