Book Name:Taqwa Kesay Milay

رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! رمضان جي حق کي ضايع ڪرڻ ۾ انهن جو ذليل ۽ خوار ٿيڻ ڇا آهي؟ فرمايائون؛ هن مهيني ۾ حرام ڪمن جو ڪرڻ، پوءِ فرمايائون، جنهن هن مهيني ۾ زنا ڪيو يا شراب پيتو ته ايندڙ رمضان تائين الله پاڪ ۽ جيترا آسماني ملائڪ آهن سڀئي ان تي لعنت ڪندا رهندا۔  جيڪڏهن اهو شخص ايندڙ رمضان ماڻڻ کان پهريان ئي مري ويو ته وٽس ڪا اهڙي نيڪي نه هوندي جيڪا کيس جهنّم جي باھ کان بچائي سگهي۔ سو توهان رمضان جي معاملي ۾ ڊڄو ڇو ته جهڙيءَ طرح هن مهيني ۾ ٻين مهينن جي مقابلي ۾ نيڪيون وڌايون وينديون آهن تهڙيءَ طرح گناهن جو به مُعاملو آهي۔ (معجم صغیر، جلد:9، صفحہ:60، حدیث:1488)

  حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رمضان جو مهينو ميدانِ مُسَابَقَت آهي۔ (کیمیائے سعادت، چھٹی اصل، روزہ، صفحہ:162ملخصاً) مسابقت جي معني آهي: ڊوڙ جو ميدان، مطلب اهو آهي ته الله پاڪ رمضان المبارڪ ۾ شيطان کي قيد ڪري ڇڏيو، رحمتن، برڪتن، مغفرتن جا دروازا کولي ڇڏيا، هاڻي جيڪو شخص وڌ کان وڌ هنن گھڙين جي قدر ڪري، وڌ کان وڌ رضاءِ الٰهي وارن ڪمن ۾ مصروف رهندو اهو الله پاڪ جي رحمت سان بخشش ۽ سعادت حاصل ڪري سگھندو ۽ جيڪو پوئتي رهجي ويندو، اهو پوئتي ئي رهجي ويندو ۽ محروم رهندو۔

الله پاڪ اسان سڀني کي رمضان سٺي طرح سان، رضاءِ الٰهي وارا ڪم ڪندي، هر گھڙي جو قدر ڪندي، نيڪين ۾، عبادتن ۾، ذِڪر ۽ فِڪر ۾، قبر جي ياد ڪندي، مديني جون يادون دِل ۾ وسائيندي، حُسنِ اَخلاق جو مُظَاهرو ڪندي، والدين جو ادب ڪندي، عزيزن رشتيدارن سان ڀلائي ڪندي، پاڙيسرين جا حق ادا ڪندي، غريبن جي مدد ڪندي گذارڻ ۽ فيضانِ رمضان مان خوب جھوليون ڀرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔     اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد