Book Name:Taqwa Kesay Milay

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي حقيقي معنى ۾ روزي جون برڪتون ته انهيءَ وقت نصيب ٿينديون جڏهن اسين سڀني عضون جو روزو رکنداسين۔ ٻي صورت ۾ بُک ۽ اڃ کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو جيئن ته حضرتِ سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان مروي آهي ته سرڪارِ عالي وقار، اسان بي ڪسن جي مددگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ارشاد آهي: ”ڪيترائي روزيدار اهڙا آهن جو کين سندن روزي مان بُک ۽ اڃ کان سواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيندو ۽ ڪيترائي قيام (راتين جو جاڳي نمازون ادا) ڪرڻ وارا اهڙا آهن جو کين سندن قيام مان جاڳڻ کانسواءِ ڪجهه حاصل ناهي ٿيندو۔ (ابن ماجہ، کتاب:الصیام، صفحہ:271، حدیث:1690)

يعني ڪجهه ماڻهو روزو ته رکندا آهن پر پنهنجي عضون کي جيئن ته بُرائين کان ناهن بچائيندا ان لاءِ کين روزي جي نورانيت ۽ ان جي اصل روح کان محرومي ئي رهندي آهي۔ گڏوگڏ جيڪي ماڻهو هروڀرو رات جاڳي گپ شپ لڳائيندا آهن۔ انهن کي وقت، صحت، ۽ آخرت جي نفصان کان سواءِ ڪجهه به هٿ ناهي ايندو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي حقيقي معنٰي ۾ روزو رکڻ، ان جي نورانيت حاصِل ڪرڻ، روزي جي برڪت سان تقويٰ ۽ پرهيز گاري، دِل جي صفائي ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! تقويٰ ماڻڻ، دِل ۾ نورِ ايمان وڌائڻ، پاڻ کي گُنَاهن کان بچائڻ ۽ پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان هروقت وابسته رهو، اِنْ شَآءَ الله! دين ۽ دنيا جون بي شُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه گُنَاهن کان بچندي، زبان، ڪن، اک، هٿ