Book Name:Taqwa Kesay Milay

۽ پيرن وغيره عضوئن جي حفاظت ڪرڻ ۽ تقويٰ وپرهيز گاري ماڻڻ جو هڪ آسان نسخو عطا فرمايو آهي، ان جو نالو آهي: رسالو 72 نيڪ اعمال

اهو ڪجھ صفحن جو ننڍڙو رسالو آهي، جنهن ۾ نيڪ اعمال ۽ اخلاقن تي مشتمل 72 سوال ڏنل آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، جيڪڏهن اسان اهو رسالو حاصِل ڪري وٺون ۽ روزانو وقت مقرر ڪري هر سوال کي پڙھندي، پنهنجي عملن جو جائزو وٺندي هيٺ ڏنل خانا ڀرڻ جي عادت بڻايون ته اِنْ شَآءَ الله! تمام جلد اسان جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ بهتري اچي ويندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته تقويٰ ۽ پرهيز گاري جي دولت به نصيب ٿي ويندي۔

”رسالو 72نيڪ اعمال“ جي ذريعي جائزي جو انعام

هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مون کي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل 72 نيڪ اعمال کان پيار آهي ۽ روزانو جائزو وٺڻ جو منهنجو معمول آهي، هڪ ڀيري عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي سنتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ صوبي بلوچستان جي سَفر تي هئس، ان دوران مون گنهگار تي بابِ ڪرم کُلي ويو، ٿيو ائين جو رات جو جڏهن سُتس ته قسمت جاڳي پئي، جنابِ رسالت مآب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف فرما ٿيا، اڃا جلوئن ۾ گم هئس ته پاڻ ڪريمنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪي مدني قافلي ۾ روزانو فِڪرِ مدينه ڪن ٿا، مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنّت ۾ وٺي ويندس۔ (فیضان سنّت، صفحہ:69)

(نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ ”فڪرِ مدينه“ کي هاڻي ”نيڪ اعمال جو جائزو وٺڻچيو ويندو آهي)

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي