Book Name:Taqwa Kesay Milay

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت سڀني کان افضل آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

 

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايون ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جون بابرڪت، پُر نور، پُر بهار گھڙيون آهن، رَحمتن جي ڇماڇم برسات آهي، هر گھڙي برڪت ڀري آهي، خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي ظاهري ۽ باطني آداب سان روزا رکي، خوش دِلي سان 20 رڪعتون تراويح پڙھي، سحري ۽ افطاري جون برڪتون ماڻي رَمضان المبارڪ جون بهارون حاصِل ڪري رهيا آهن ۽ انتهائي محروم ۽ بدقسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي انهن مُبَارَڪ گھڙين ۾ به نيڪين کان محروم آهن، روزا نٿا رکن، تراويح نٿا پڙھن يا پڙھن ته ٿا پر پوريون نٿا پڙهن، بخشش و مغفرت ۽ رحمت جي هن عظيمُ الشّان مهيني ۾ به الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ کان پري آهن۔ ٻنهي جهانن جي سلطان، شهنشاھ ڪون ومڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: منهنجي اُمَّت ذليل ۽ رُسوا نه ٿيندي جيستائين اها رمضان جو حق ادا ڪندي رهندي۔ عرض ڪيو ويو: يا