Book Name:Taqwa Kesay Milay

کم ہوا زَورِ گناہ اور مسجدیں آباد ہیں                       ماہِ رمضان المبارک کا یہ سب فیضان ہے

روزہ دارو جھوم جاؤ! کیونکہ دیدارِ خُدا                      خُلْد میں ہو گا تمہیں یہ وعدۂ رَحْمٰن ہے

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

تقويٰ جا 3 فائدا

”روزو عبادت جو دروازو ڇو آهي؟“ هن سُوال جو هڪ ٻيو جواب به آهي ۽ اهو به امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گفتگو ئي مان ورتو ويو آهي، اهو هي ته روزي جو اهم ۽ بنيادي فائدو جيڪو بيان ڪيو ويو اهو آهي: تقويٰ۔ الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ روزو فرض ٿيڻ جي هڪ حڪمت بيان ڪندي فرمايو:

لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۱۸۳) (پاره2،سورۃالبقرۃ:183)             

ترجمو ڪنز الايمان: من توهان کي پرهيزگاري ملي۔

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عبادت جو دار ومدار 3 ڳالهين تي آهي، (1): عِبَادت جي توفيق، ڇوته جيڪر توفيق ئي نه ملي ته عبادت ڪيئن ڪنداسين؟ (2): عبادت جي اِصلاح، جيئن اسان جي ناقِص عبادت بارگاھ الٰهي جي لائق ٿي وڃي (3): ۽ ٽئين شيء آهي: عِبَادت جي قبوليت۔ اهي ٽئي شيون هجن ته ٻانهو واقعي عبادت گذار ٿي سگھي ٿو۔

تقويٰ ۾ اها خاصيت آهي ته ان جي برڪت سان اهي ٽئي شيون ملي وينديون آهن، پهرين: عبادت جي توفيق، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُتَّقِیْنَ(۱۹۴)    (پاره2،سورۃالبقرۃ:194)

ترجموڪنزالايمان: الله ڊپ وارن سان گڏ آهي

معلوم ٿيو ته مُتَّقِي کي الله پاڪ جي خاص مدد ملندي آهي۔ ٻي شيء: عبادت جي اِصلاح، الله پاڪ سيپاري 22، سوره اَحزاب، آيت:71 ۾ ارشاد فرمائي ٿو: