Book Name:Taqwa Kesay Milay

كَانَ مَعِي فِي الْجنَّة جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکوٰۃ،ایمان کی کتاب، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 سخاوت سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه ۲ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1):سخاوت ڪرڻ وارو الله پاڪ جي به ويجهو آهي، جنّت جي به ويجهو آهي، ماڻهن جي به قريب آهي ۽ جهنّم کان پري آهي۔ (ترمذی،سخاوت کا باب،صفحہ:479، حدیث:1961) (2): سخاوت جنت جو هڪ وڻ آهي جنهن جون ٽاريون زمين ڏانهن جھڪيل آهن جيڪو شخص انهن مان ڪا ٽاري پڪڙي ٿو، اها ان کي جنت ڏانهن کڻي ويندي آهي۔ (شعب الایمان، سخاوت کا باب،جلد:7، صفحہ:434، حدیث: 10875)

اي عاشقانِ رسول! ”سخاوت سُنّتِ مصطفيٰ“ آهي: * سخين جي سخي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪائنات ۾ سڀ کان وڏا سخي هئا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سخاوت ڪنهن وقت سان خاص نه هئي بلڪ پاڻ هميشه سخاوت فرمائيندا ها، عِلم ڦهلائيندا ها، مال ورهائيندا ها، رَحْمَتِ الٰهي جي سخاوت ڪندا ها، هاڻي به سندن عطائن جا، ڪرم نوازين جا دروازا کليل آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهڙو سخي نه ڪو ٻيو ٿيو آهي، نه قيامت تائين ٿيندو، جنهن کي جيڪا نعمت ملندي آهي، الله پاڪ ڏيندو آهي، قاسِمِ نعمت مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي ورهائيندا آهن:

نہ اُن کے جیسا غنی ہے کوئی، نہ اُن کے جیسا سخی ہے کوئی

وہ بےنواؤں کو ہر جگہ سے نوازتے ہیں بُلا بُلا کر

 * رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دَرِ دولت مان ڪڏهن ڪو سُوال ڪرڻ وارو