Book Name:Taqwa Kesay Milay

خالي نه ويو، حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: سوالي چاهي ڪيتري ئي وڏي شيء جو سُوال ڪندو هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي منع ڪونه ڪندا هئا۔ (کتاب الشفا، 1/92) * حضرت اِبنِ عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي: نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انسانن کان وڌيڪ سخي هئا، رمضان ۾ سندن سخاوت جو دَريا خوب جوش تي هوندو هو، رمضان المبارڪ ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سخاوت تيز هوائن کان به وڌيڪ هوندي هئي۔ (سیرت مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ، سخاوت،صفحہ:623)

مانگیں گے مانگے جائیں گے منہ مانگی پائیں گے

سرکار میں نہ ”لا“ ہے نہ حاجت ”اگر“ کی ہے

(حدائق بخشش، صفحہ:225)

الله پاڪ سخاوتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان غريبن، بي ڪسن کي به ڪنجوسي کان بچڻ ۽ خوب دِل کولي سخاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي سان مالي تعاون ڪريو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ ۾ آهي: * جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطِر صَدَقو ڪري ته اهو صدقو ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي۔ (معجم كبير، ١٠/٤٠٩ ،حديث:٢٠٥٨٤) * هڪ حديث شريف ۾ ارشاد ٿيو ته صَدَقو الله پاڪ جي غَضَب کي وسائيندو ۽ بُري موت کي دَفعَ (يعني پري) ڪندو آهي۔ (ترمذى، کتاب الزكوٰة، ص١٨٩،حديث:٦٦٤)

          عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي دِيني ڪمن جي لاءِ به لازمي حِصو ڪڍو۔ الحمدلله! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ، تعليمِ قرآن عام ڪرڻ ۽ سُنتن کي عام ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عمل79 شعبن