Book Name:Taqwa Kesay Milay

زبان جو روزو

  شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه تقويٰ حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ تربيت ڪندي زبان جي روزي جو تفصيل هن طرح بيان ڪن ٿا: زبان جو روزو هي آهي جو زبان صرف نيڪ ۽ جائز ڳالهين جي لاءِ ئي حرڪت ۾ اچي، مثال طور * زبان سان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪريو * ذڪر ۽ درود جو ورد ڪريو * نعت شريف پڙهو * درس ڏيو * سنّتن ڀريو بيان ڪريو * نيڪيءَ جي دعوت ڏيو * سٺيون سٺيون ۽ پياريون پياريون دينداريءَ واريون ڳالهيون ڪريو * فُضول ”بَڪ بَڪ“ کان بچندا رهو * خبردار! گارگند، ڪوڙ، غيبت، چُغلي وغيره سان زبان ناپاڪ نه ٿيڻ گهرجي جو ”چمچو جيڪڏهن نجاست ۾ وِڌو وڃي ته هڪ ٻه گلاس پاڻيءَ سان پاڪ ٿي ويندو پر زبان بي حيائيءَ جي ڳالهين سان ناپاڪ ٿي وئي ته ان کي ست سمنڊ به نه ڌوئي سگهندا۔“

مری زبان پہ قفل مدینہ لگ جائے                      فضول گوئی سے بچتا رہوں سدا یارَبّ! ([1])

کریں نہ تنگ خیالاتِ بَد کبھی کر دے      شعور وفکر کو پاکیزگی عطا یارَبّ! ([2])

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هٿن جو روزو

هٿن جو روزو هي آهي ته جڏهن به هٿ کڄن صرف نيڪ ڪمن جي لاءِ کڄن مثال طور:  * پاڪائيءَ سان قرآن شريف کي هٿ لڳايو * نيڪ ماڻهن سان هٿ ملايو۔ فرمانِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خاطر پاڻ ۾ محبت رکڻ وارا جڏهن پاڻ ۾ ملن ۽ مصافحو ڪن (يعني هٿ ملائن) ۽ نبي (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي درودِ پاڪ موڪلين ته انهن جي جُدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻنهي جا اڳيان پويان گناهه بخشيا ويندا آهن۔ (مسند ابی یعلی، جلد:3، صفحہ:34، حدیث:2960)


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:83۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:78۔