Taqwa Kesay Milay

Book Name:Taqwa Kesay Milay

ڪوهستان ڏسو * مدينہءِ منورہ جا در ۽ ديوار ڏسو * سبز سبز گنبد ۽ مينار ڏسو * پياري پياري مديني جا ريگستان ۽ گلزار ڏسو * سونهري ڄارين جا انوار ڏسو ۔ تاجدارِ اهلسنّت حضور مفتيءِ اعظم هند سيّدُنا محمد مصطفى رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بارگاههِ خداوندي ۾ عرض ڪن ٿا۔ (فیضان رمضان، صفحہ:93)

کچھ ایسا کر دے مرے کرد گار آنکھوں میں          ہمیشہ نَقْش رہے رُوئے یار آنکھوں میں

انہیں نہ دیکھا تو کس کام کی ہیں یہ آنکھیں             کہ دیکھنے کی ہے ساری بہار آنکھوں میں

(سامانِ بخشش، صفحہ:145تا146،ملتقطاً)

  پيارا روزيدارو! * اک جو روزو رکو ۽ ضرور رکو بلڪه اک جو روزو ته ڊبل ٻارنهن ڪلاڪ، ٽيهه ئي ڏينهن ۽ ٻارنهن مهينا هئڻ گهرجي۔ * الله جي عطا ڪيل اکين سان هرگز هرگز فلم نه ڏسو * ڊراما نه ڏسو * نامحرم عورتن کي نه ڏسو * بُري نظر سان امردن کي نه ڏسو * ڪنهن جي اوگهڙ نه ڏسو * بلڪه بغير ضرورت جي پنهنجي اوگهڙ به نه ڏسو۔ * الله پاڪ جي ياد کان غافل ڪرڻ وارا کيل تماشا * ڪرڪيٽ، ڪٻٽي فٽبال، هاڪي، تاس، شطرنج، وڊيو گيمز، ٽيبل فٽبال وغيره وغيره رانديون نه ڏسو۔  جڏهن ڏسڻ جي اجازت ناهي ته کيڏڻ جي اجازت ڪهڙي طرح ٿي سگهي ٿي؟ ۽ انهن ۾ ڪجهه رانديون ته اهڙيون آهــن جيڪي نيڪر (چڍي) پائي کيڏيون وڃن ٿيون۔ جن جي سبب گوڏا بلڪه مَعاذالله! رانُون بـه کُليل رهنديون آهن * اهڙيءَ ريت ٻين جي آڏو رانُون يا گوڏا کليل رکڻ گناهه آهي ۽ ٻين کي ان طرف نظر ڪرڻ به گناهه * اهڙي طرح ڪنهن جي گهر ۾ بنا اجازت جي جهاتي پائي نه ڏسو * ڪنهن جو خط (Letter) يا ڪنهن جو /sms/واٽس ايپ نه ڏسو * ڪنهن جي ڊائريءَ جي تحرير به بغير اجازت جي نه ڏسو ۽ نه ئي پڙهو ۽ ياد رکو! (فیضان رمضان، صفحہ:93) حديثِ پاڪ ۾ آهي،”جيڪو پنهنجي ڀاءَ جي خط کي بنا اجازت جي ڏسي ٿو ڄڻ ته اهو باهه ۾ ڏسي ٿو۔ (مستدرک، کتاب الادب، جلد:5، صفحہ:384، حدیث:7779)