Book Name:Taqwa Kesay Milay

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقان رمضان! رَحمَتِ الٰهي جي وُسعت ڏسو! ڌاڙيلن جو سردار جيڪو گناهن ۾ غرق هو، ٻانهن جا حق پامال ڪندو هو، ماڻهن کي نقصان پهچائيندو هو، انهن کي ايذاء ڏيندو هو، الله پاڪ ان جي حُسنِ ظَن جي، ان جي اُمِّيد جي لاج رکي ۽ روزي جي برڪت سان ان کي توبه جي توفيق عطا فرمائي، عبادت و رياضت ۽ مجاهدات جي توفيق عطا فرمائي ۽ پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ورتو۔ هن حڪايت مان معلوم ٿيو رَوزي جي برڪت سان توبه جي توفيق، عبادت و رياضت جي توفيق ۽ تقويٰ نصيب ٿيندو آهي۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بابُ الْعِبَادَۃِ اَلصِّيامُ رَوزو عبادت جو دروازو آهي۔ (کنزالعمال، کتاب الصوم، جزء:8، جلد:4، صفحہ:209، حدیث:23586)

     پيارا اسلامي ڀائرو! عبادات گھڻن قسم جي آهي، نماز آهي، حج آهي، زڪوٰة آهي، تلاوت، ذِڪر فِڪر، حُسنِ اَخلاق وغيره هزار قسمن جون عبادتون آهن، هر عبادت جا پنهنجا پنهنجا فائدا، ثمرات ۽ ڪمالات آهن پر اها خاصِيت صِرف روزي کي عطا ٿي ته ان کي عبادتن جو دروازو قرار ڏنو ويو، ڌاڙيلن جي ان سردار کي اها حديثِ پاڪ معلوم هئي يا معلوم نه هئي، بهر حال اُن الله پاڪ سان صلح جي لاءِ جيڪا راھ اختيار ڪئي اها روزي جي صُورت ۾ اختيار ڪئي ته الله پاڪ ان جي روزي ئي جي برڪت سان ان کي توبه جي، عبادت ۽ رياضت ۽ مجاهدات جي توفيق عطا فرمائي۔

روزي کي عبادتن جو دروازو ڇو چيو ويو آهي؟

هتي هڪ سُوال ذهن ۾ ايندو آهي، اهو هي ته آخر روزي ۾ اهڙي ڪهڙي خاصيت آهي جو نبين جي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي عبادت جو دروازو قرار ڏنو آهي؟

هن سُوال جو جواب امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ”احياء العلوم“ ۾ ڏنو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو ڪجھ فرمايو، ان جو خلاصو هيءُ  آهي ته اَصل ۾ جن سببن جي ڪري انسان الله پاڪ کان، عبادت ۽ رياضت کان، نيڪ ڪمن کان پري