Book Name:Taqwa Kesay Milay

* ٿي سگهي ته ڪنهن يتيم جي مٿي تي شفقت سان هٿ ڦيريو جو هٿ جي هيٺان جيترا وار ايندا هر وار جي عيوض هڪ هڪ نيڪي ملندي۔ * خبردار! ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ هٿ نه اُٿن * رِشوت ڏيڻ وٺڻ جي لاءِ نه اٿن * نه ڪنهن جو مال چورائين * نه تاش کيڏن * نه لغڙ اڏائين * نه ڪنهن نامَحرم عورت سان مصافحو ڪن۔

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسطے اُٹھیں                       بچانا ظُلْم وستم سے مجھے سَدا یارَبّ!

(وسائل بخشش، صفحہ:76)

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيرن جو روزو

 پيرن جو روزو هي آهي جو پير کڄن ته صرف نيڪ ڪمن جي لاءِ کڄن۔ مثال طور * پير هلن ته مسجدن جي طرف هلن * اولياءِ ڪرام جي مزارن ڏانهن هلن * عالم سڳورن جي زيارت لاءِ هلن * سنّتن ڀريي اجتماع جي طرف هلن * نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ هلن * سنّتن جي تربيت جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر جي لاءِ هلن * نيڪ صحبتن جي طرف هلن * ڪنهن جي مدد جي لاءِ هلن * هرگز هرگز سينيما گهرن جي طرف نه هلن * ڊراما گاهن جي طرف نه هلن * بُرن دوستن جي مجلسن جي طرف نه هلن * شطرنج، تاس، ڪرڪيٽ، فٽ بال، وڊيو گيمز، ٽيبل فٽبال وغيره وغيره راندين کيڏڻ يا ڏسڻ جي طرف نه هلن * ڪاش! پير ڪڏهن ته ائين به هلن جو بس مدينو ئي مدينو چَپن تي هجي ۽ سفر به مديني جو هجي۔

رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دَم                 کریں نہ رُخ مرے پاؤں گُنَاہ کا یَارَبّ! ([1])

مدینے جائیں، پھر آئیں، دوبارہ پھر جائیں            اسی میں عمر گزر جائے یاخُدا یَارَبّ! ([2])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:77۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:87۔